ٺٽو(رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽سينيٽر سسئي پليجو ٺٽي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن ۽ صحافين سان ڳالھائيندي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي پارٽي کي ڪئنالن خلاف فيصلائتو قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ ھِن وقت پاڻي جي کوٽ ان سطح تي پھچي وئي آھي جو سنڌ جي ڪوھستان، سامونڊي پٽي ۽ مختلف ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي اڻلڀ ٿي چڪو آھي، ماڻھن کي اصل عيدون باراتون وسري ويون آھن، سڄي سنڌ سوڪھڙي جي ھنن ڏکين ۽ تڪليف جي حالتن کي منھن ڏيندي به پنجاب طرفان مڙھيل سازشي ۽ ڌاڙيل ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج آھي ۽ لکين ماڻھو عيدون ملھائڻ بدران وڏي تڪليف ۽ ڪاوڙ ۾ جدوجھد جو ميدان ملھائي رھيا آھن، ھر روز  پنھنجي بقا ۽ جياپي جي اڻ کٽندڙ جنگ وڙھي پئي وڃي پر پوءِ پنجاب حڪومت، وفاق ۽ ارسا ھنن سنڌ دشمن ڪئنال منصوبي تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار نٿا ڏسجن. ھن چيو ته سي سي آئي ۾ جي معاملو ويندو تڏھن به 8 ميمبرن مان وڏي اڪثريت ڪئنالن جي حامي ڏسجي ٿي، ان ڪري وزيراعظم طرفان فوري اعلان ڪري اھو منصوبو ختم ڪرڻو پوندو، جنھن جي به صورتحال ھن وقت ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ان صورت ۾ اسان پنھنجي پارٽي جي قيادت کي چوڻ ۽ مطالبو ڪرڻ ۾ حق بجانب آھيون ته اھي فوري طور تي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿئي، ھي سڄي چالبازي ٺڳي جي ٺاھ جي مانڊاڻ کي ختم ڪن ۽ مسلم ليگ نه جي پنجاب ۽ وفاقي حڪومت کي اک ڏيکارڻ گھرجي، جيڪي سنڌ مان چونڊيل ووٽن تي حڪومتون ڪندي سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته لڳي ٿو ته سنڌ جي عوام لاءِ فيصلائتي جدوجھد جو وقت اچي ويو آھي ۽ ماڻھو ان لاءِ تيار ڏسجن ٿا.