لاهور (م ڊ) پنجاب ۽ بلوچستان مان ۾ وڌيڪ 4 آزاد ميمبر ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ پنجاب مان ڪامابي ماڻيندڙ ٻن آزاد ميمبرن مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر ۽ وزيراعليٰ جي نامزد اميدوار مريم نواز سان ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي ميمبرن مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي مريم نواز چيو ته ترقي ۽ عوام مي رليف لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. ٻئي پاسي بلوچستان مان ڪامياب ٻن آزاد صوبائي اسيمبلي ميمبرن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. آهي لاهور ۾ شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي ٻن نون چونڊيل آزاد اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 41 ۽ پي بي 51 تان نوان چونڊيل ميمبر ولي محمد ۽ عبدالخالق ن ليگ ۾ شامل ٿيا. شهباز شريف ٻنهي کي ن ليگ ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏني ۽ سندن آجيان ڪئي.