لاهور(م ڊ) پنجاب جي 21 رڪني ڪابينا اڄ حلف کڻندي، ميان اسلم کي هائوسنگ ۽ صنعت، راجا بشارت جي وزارت تبديل ڪري ڪوآپريٽو ۽ پراسيڪوشن جي وزارت، ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ساڳيو صحت کاتو، ميان محمود الرشيد کي مڪاني حڪومت، علي افضل ساهي کي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس، علي عباس شاهه ٻيلا ۽ جهنگلي جيوت، سردار محسن لغاري کي ناڻو، تيمور ملڪ کي رانديون ۽ ثقافت، ياسر همايون هائير ايجوڪيشن ۽ آءِ ٽي، عنصر نيازي کي پورهيو، منيب سلطان چيمه ٽرانسپورٽ، شهاب الدين لائيواسٽاڪ، مراد راس اسڪول ايجوڪيشن، خرم ورڪ قانون ۽ پارلياماني مامرا، آصف نڪئي ايڪسائيز، هاشم ڊوگر گهرو ۽ جيل، نوابزاده منصور علي مال، حسين جهانيان گرديزي زراعت، غضنفر عباس ڇينا سماجي ڀلائي، لطيف نذر مائنز اينڊ منرل، حسنين بهادر دريشڪ کي توانائي ۽ خوراڪ جو کاتو ڏنو ويو آهي. گورنر بليغ الرحمان ڪابينا کان حلف وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.