لاهور (م ڊ) گورنر پنجاب بليغ الرحمان چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهڻ غلطي هئي جن اها غلطي ڪئي انهن جو مواخذو ٿيڻ گهرجي، ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو ويو، ملڪي ۽ غيرملڪي ٻنهي عناصرن رنڊڪ وڌي، پاڪستان انرجي ايگزيبيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڳوڻي صدر ايوب خان ملڪ جا ٽئي درياهه ڀارت حوالي ڪيا ماضي جي غلط فيصلن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي