لاهور(م ڊ) دنيا جي گدلاڻ وارن شهرن ۾ لاهور جو پهريون نمبر برقرار، ملتان ٻئي ۽ پشاور ٽئين نمبر تي اچي ويا، فضائي گدلاڻ ۾ انسانن لاءِ ساهه کڻڻ به خطرناڪ بڻجي ويو، پنجاب ۽ ڪي پي جي شهرن ۾ نڪ، ڪن ۽ ڳلي جي مرضن ۾ واڌ ٿي وئي، شديد ڌنڌ ۽ سموگ سبب موٽروي ايم 2 لاهور کان ڪوٽ مومن تائين بند رهيو، لاهور سيالڪوٽ موٽروي کي بند ڪيو ويو، ايم 4 فيصل آباد کان ملتان تائين ۽ ايم 5 ملتان کان سکر تائين هرقسم جي ٽريفڪ لاءِ بند رهي، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسئلو هاڻي رڳو هڪ شهر يا صوبي جو نه آهي، سڄي ملڪ ۽ خطي جو انساني مسئلو بڻجي چڪو آهي، گدلاڻ جو شڪار شهرن جا رهواسي بنا سبب گهرن کان ٻاهر نه نڪرن