اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پوليس ڪانسٽيبل جي بحالي خلاف آءِ جي پنجاب جي اپيل خارج ڪري ڇڏي، آءِ جي پنجاب لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، ايڊيشل اي جي عدالت کي ٻڌايو ته مخبري تي ڪانسٽيبل جو پيڇو ڪري گهر تي ڇاپو هنيو ته اهلڪار عورت سان نازيبا حرڪتون ڪري رهيو هو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عورت ته چوي ٿي ته اهلڪار هن جو مڙس آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا پوليس پنهنجي ئي اهلڪار جي مخبري ڪندي آهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته بنا وارنٽ جي پوليس نجي گهر تي ڇاپو ڪيئن هڻي سگهي ٿي، غيرقانوني ڇاپو هڻي پوليس اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري رهي آهي، چيف جسٽس عدالت ۾ ايس پي انويسٽيگيشن بهاولنگر جي موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس چيو ته ڇا بهاولنگر ۾ ڏوهه ختم ٿي ويا آهن جو ايس پي صاحب معمولي ڪيس ۾ پاڻ عدالت پهتو آهي.ڇا ايس پي جي هن ڪيس ۾ ذاتي دلچسپي آهي،پنهنجي خرچ تي آيا آهيو يا سرڪاري کان خرچ وٺندا، ايئن آيا آهيو ڄڻ هن ڪيس سان پاڪستان جون ڀتيون لڏي وينديون.