قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) پنجاب پوليس پاران سنڌ يونيورسٽي جي کنڀيل قاضي احمد واسي شاگرد کي مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي مارڻ جي دعويٰ، وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو، جاچ جي گهر، خبر موجب سنڌ يونيورسٽي مان مبينا کنڀيل شاگرد کي پنجاب پوليس مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، سنڌ يونيورسٽي مان 14 مهينا اڳ حيدرآباد کان قاضي احمد جي ڳوٺ ڌڻي بخش ملوکاڻي ايندي کنڀي گم ڪيل قانون واري شعبي جي شاگرد ساجن ملوکاڻي کي پنجاب جي ماڇڪو پوليس ڏوهاري ڄاڻائي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل ساجن ملوکاڻي جو لاش رحيم يار خان اسپتال ۾ سرد خاني ۾ رکيو ويو، جتان اطلاع تي نوجوان جي وارثن اسپتال پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وصول ڪيو، وارثن پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.

مقابلو جڙتو آهي، پوليس عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو: شاگرد جو والد

قاضي احمد: پنجاب ۾ مبين مقابلي ۾ مارجي ويل شاگرد ساجن جي والد علي دوست ملوکاڻي  جو چوڻ آهي ته ساجن کي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو، ساجن ملوکاڻي پھرين سيپٽمبر 2023 تي حيدرآباد کان واپس پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هو ته کيس رستي مان کنڀي 14 مهينا مسلسل ٽارچر سيل ۾ تشدد کانپوءِ پنجاب پوليس دهشتگرد ڄاڻائي مقابلي ۾ ماري عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو آهي، ساجن سنڌ يونيورسٽي ۾ قانون جو شاگرد هو، کيس جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آھي، هن ٻڌايو ته کنڀي گم ڪرڻ تي اسان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي پر کيس عدالت اڳيان پيش نه ڪيو ويو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي.