سجاول (رپورٽر) پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪينال ٺاهي رهيو آهي، ڪينال صوبن جي مرضي سان ٺھن پيا، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي اعتراض ناهن، ارسا ايڪٽ تحت هر صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملندو آھي، اهڙن خيالن جو اظهار مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سجاول ۾ عبدالرئوف شيخ جي رهائشگاھ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو، گھڻي بھتري اچڻ واري آھي، ڪابه حڪومت نه ٿي چاهي ته عوام کي تڪليف ٿئي، هن چيو ته ارسا ايڪٽ تحت هر صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملندو آھي، پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪينال ٺاهي زمينون آباد ڪندو، اهڙي ريت سنڌ ۾ 2 ڪينال ۽ ڪي پي ڪي ۾به ڪينال ٺھي رھيا آهن، ھن چيو ته ڪينال صوبن جي مرضي سان ٺھن پيا، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ته ڪينالن تي ڪو به اعتراض ناهي، ھن چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته مارينداسين يا مرنداسين، ايئن ته دهشتگرد چوندا آهن، سياسي پارٽي ائين نه چوندي آھي، پي ٽي آءِ وارا اڳ ۾ چوندا هئا ته “اسان غلام آھيون ڇا” ۽ هاڻي چون ٿا ته “اسان ئي غلام آهيون” اسان کي بچايو، ان موقعي تي چوڌري طارق، علي اڪبر گجر، محب الله خان، ريحان، سورٺ ٿيٻو، ملڪ تاج، مبشر تنولي، عبدالحق، فيصل بخاري، احسان جتوئي، گل مروت، ملڪ نذير مروت، همايون خان مغيري، عثمان جنجوعه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.