سيوهڻ(ن پ ا)پنجاب واسڻ طلاق يافته ناري سنڌ واسي نوجوان سان پسند جي شادي ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ پريس ڪلب پھچي وئي، وارثن مان جان جو خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي، مسمات سمينا جي اختيارين کي اپيل، خبر موجب پنجاب جي ضلعي تلغن سان تعلق رکندڙ طلاق يافته ناري مسمات سمينا بي بي ڌيءَ گلشير جکڙ خيرپور ميرس واسي نوجوان وليداد اعواڻ ولد الله داد اعواڻ سان شادي ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ ڪالھه نيشنل پريس ڪلب سيوھڻ پھچي وئي ۽ وارثن پاران ملندڙ موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ناري دانھيندي چيو ته اڳوڻو مڙس بنا جواز تشدد ڪندو ھو جنهن بعد مون پنهنجي مرضي سان خيرپور واسي نوجوان وليداد اعواڻ سان شادي ڪئي آهي جنهن ڪري  اسان جا وارث اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن ان ڪري اسان جي جان خطري ۾ آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زندگي بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان کي ڪو به نقصان رسيو ته ان جو ذميوار اسان جا مائٽ هوندا.