ڪمون شهيد (ن پ ا) رائونتيءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن جا ڪيترائي گروھ سرگرم ٿي ويا، اغوا جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيڻ لڳو. سڄي ملڪ مان ماڻهن کي لالچ ڏئي گھرائي اغوا ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو. ان سلسلي ۾ مھينو اڳ اغوا ٿيل خوشاب جو رهواسي سٺ ورهين جو پيرسن فراست حسين ڌاڙيلن جي قيد ۾ اذيت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. ڌاڙيلن زنجيرن سان ٻڌي سخت تشدد جي وڊيو وائرل ڪري ڪروڙ رپيا ڀنگ ۽ موبائيل فون طلب ڪري ورتو، نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. وارثن کي وڊيو موصول ٿيڻ بعد گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. وائرل ڪيل وڊيو ۾ ڌاڙيل مغويءَ کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. تشدد سبب پيرسن مغوي جو  پير ۽ سڄو جسم زخمي ٿيل نظر اچي رهيو آهي. ان حوالي سان مغوي جي ڀاءُ رفيع الله ٻڌايو ته 28 جنوري تي ڀاءُ لاهور مان گم ٿي ويو، جنهن جو اطلاع مقامي پوليس کي ڏنو ويو.  اسان دوستن عزيزن وٽ ڳوليو پر ڪٿي به پتو نه پيو. وڊيو ملڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي کي اطلاع ڏنو آھي ته ڌاڙيل اسان کي بار بار فون ڪري ڀنگ جي رقم ۽ فون گهرن ٿا نه ڏيڻ تان اسان جي مغوي کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. مغوي کي جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.