ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ ڪارروائي: پنجاب واسي پيءُ پٽ  بازياب: 4 زخمين سميت 5 جوابدار گرفتار، ايس ايس پي ظفر صديق ڇانگا موجب اي وي سي سي پوليس سي پي ايل سي جي مدد سان پنجاب واسي پي پٽ جي بازيابي لاءِ سائيٽ ايريا ۾ ڇاپو هنيو ته مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾  4 جوابدار زخمي ٿي پيا، زخمين سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن ۾ شبير، وحيد ﷲ، حضرت علي ۽ عنايت ۽ عدنان شامل آهن، جڏهن ته ٻنهي مغوين کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو. ايس ايس پي ظفر صديق موجب جوابدارن پنجاب واسي شاھد ۽ سندس پٽ عبدالله کي 35 لکن ۾ اٽلي موڪلڻ جو ڏٽو ڏئي ڪراچي گهرايو، ٻنهي پي پٽ کي سرگوڌا مان فنگر پرنٽ لاءِ گهرائي بهادرآباد مان اغوا ڪيو ويو،  جوابدارن ٻنهي يرغمالين جي ازادي لاءِ 2 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو