ميھڙ(ن پ ا)  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي ۾ ودنڌندڙ انتھا پسندي ۽ سنڌو مان زبردستي ڪئنال ڪڍڻ واري عنوان تي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته ھن ملڪ جي ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين پاڻي، گئس ، تيل ۽ سنڌ جي ٻين سڀني وسيلن تي پنجاب جو قبضو رھيو آھي. ھن چيو ته سنڌو درياء تي نوان ڪئنال ٺھڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ، اسان 1990 واري پاڻيءَ جي ورڇ جي به مخالفت ڪئي ھئي ۽ اڄ به نون ڪئنالن جي مخالفت ۾ چٽي لڪير ڪڍي بيٺا آھيون ، سنڌ ۾ مذھبي انتھا پسندي آڻڻ جو مقصد به سنڌ تي پنھنجو قبضو اڃا مضبوط ڪرڻ آھي ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل ڪو نئون واقعو ناھي اسان پنجهتر سالن کان اھو سڀ ڪجهه ڀوڳي رهيا آھيون، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌ جي قومي آزادي عام ماڻھوءَ لاءِ آھي ۽ جيسيتائين عام ماڻھو سياست نه ڪندو تيسيتائين اھو سڀ ڪجهه ناممڪن آھي عوامي ميڙاڪي کي محمد اسماعيل جانوري ،ممتاز سڪندر لاکير، ايڊووڪيٽ سجاد آڳرو، ممتاز علي سومرو، آفتاب احمد چنو، علي نواز سومرو، محسن لاکير، جان محمد ڪلهوڙو، طفيل ڪلهوڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.