پنجاب مان بازياب ٿيل دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهير سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

0
261

پنجاب مان بازياب ٿيل دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهير سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، عدالت حڪومت جي درخواست تي جوڙي کي اڄ ئي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

دعا زهريٰ طرفان عدالت ۾ اڄ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جا امڪان آھن،  ڪراچي مان نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس کي گذريل ڏينهن بهاولنگر مان گرفتار ڪيو ويو هو

چشتيان مان حراست ۾ ورتل دعا زھرا ۽ ان جي مڙس ظھير کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھچايو ويو، اڄ ئي ٻڌڻي جي استدعا بھ منظور ڪئي وئي آھي

پوليس عملدارن موجب دعا زھرا کي لاھور مان ڪراچي منتقل ڪري وومين پوليس حوالي ڪيو ويو ھو، جڏھن تھ دعا زھرا جي مڙس ظھير کي اي وي سي سي جي حفاظتي تحويل ۾ ڏنو ويو ھو

پوليس عملدارن موجب دعا زھرا ۽ ان جي مڙس کي عدالت ۾ پھچايو ويو آھي، ان جا والدين بھ عدالت ۾ موجود آھن، جڏھن تھ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو چوڻ آھي تھ دعا زھرا کي پيش ڪري بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاھيون ٿا

عدالت دعا زھرا کي اڄ ئي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنھن تي عدالت استدعا منظور ڪندي اڄ ئي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت جي درخواست تي دعا زهريٰ کي اڄ ئي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو