اسلام آباد: قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس 5 جون تي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل پاران 3795 ارب رپين جي قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف کي بجيٽ تي بريفنگ ڏيندو. ذريعن موجب نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل ايندڙ مالي سال لاءِ 3795 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏيندي. ذريعن موجب پنجاب لاءِ 1188 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ منظور ٿي سگهي ٿي. سنڌ لاءِ 887 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ منظور ڪئي ويندي. خيبرپختونخوا لاءِ 440 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ منظور ڪئي ويندي. بلوچستان لاءِ 280 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ منظور ٿي سگهي ٿي. ترقياتي بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبن جي منظوري ڏني ويندي. قومي اقتصادي ڪائونسل پنج سالن جي منصوبابندي جي به منظوري ڏيندي. ايندڙ مالي سال لاءِ 4.2 سيڪڙو جي ڊي پي واڌ جي منظوري ڏني ويندي، زراعت جي واڌ جو هدف 4.5 سيڪڙو مقرر ٿي سگهي ٿو، صنعت جي واڌ جو هدف 4.3 سيڪڙو رکيو ويندو، خدمتن جي شعبي جي واڌ جو هدف 4 سيڪڙو مقرر ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب برآمدات جو هدف 35 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويندو، درآمدات جو هدف 65 ارب ڊالر مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي. ترسيلات زر جو هدف 39 ارب ڊالر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي. وزيراعظم شهباز شريف قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي شرڪت ڪندو.