پنجاب طرفان ٿيندڙ پاڻي چوري روڪرائڻ لاءِ ممڪن حل

0
1120
پنجاب طرفان ٿيندڙ پاڻي چوري روڪرائڻ لاءِ ممڪن حل

 سال 2024ع جي آخري ڏينھن مون فيس بوڪ تي ھڪ پوسٽ رکي ھئي، جنھن ۾ مون لکيو ھو ته ھلندڙ سال جي پڇاڙي منھنجي خاندان لاءِ سٺي ثابت نه ٿي. مون اھو به لکيو ھو ته، “ماڪ جو ڍونگر” آھي ۽ جلد لھي ويندو، انهيءَ اميد سان ته ايندڙ سال ڪو سٺو ثابت ٿيندو، پر 2025ع جي شروعات منھنجي لاءِ سٺي ثابت نه ٿي. ٿيو ائين جو 13 جنوري ۽ 14 جنوري جي وچ واري رات ھڪ وڳي ڌاري مون کي دل جو دورو پيو ۽ مون کي فوري طور ڪراچي وڃڻو پيو. ڪراچي ۾ ھڪ نجي اسپتال ۾ تقريبن ڏھه ڏينھن رھڻ کانپوءِ ڪن مجبورين ڪري علاج اڌورو ڇڏي گهر موٽي آيس. جلدي وري ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ٿيس، جتان مڪمل علاج ڪرائي ست فيبروري تي گهر موٽي آيس ۽ ڊاڪٽرن جي ھدايت تحت گهر ۾ آرام ڪري رھيو آھيان.

                 منھنجي انھن ٽنھي ھفتن جي اسپتال ياترا دوران سنڌ جي پاڻي مسئلي تي ٽي نوان ڪتاب ھڪ انگريزي ۽ ٻه سنڌي ۾ ڇپيا، جيڪي مون وٽ مختلف ذريعن سان پھتا. انھن ڪتابن ۾ سڀ کان پھرين ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر محترم محمد احسان لغاري جو ڪتاب “گريٽر ٿل ڪئنال کان سمالر چولستان تائين” ٽپال ذريعي گهرايم. ان کانپوءِ ڪراچي ۾ سرڪاري اسپتال ۾ داخل ھئڻ دوران منھنجا ٻه پراڻا مھربان دوست محترم امان اللھ شيخ ۽ پروفيسر اعجاز احمد قريشي مون سان ملڻ آيا. انھيءَ موقعي تي اعجاز قريشي ٻڌايو ته مرحوم ايڇ ايم ڏھر جو انگريزي ۾ “سنڌ اريگيشن انجنيئرنگ، ھسٽري، ٿيوري اينڊ پريڪٽس” نالي سان ڪتاب تازو ڇپيو آھي ۽ ھن مون کي موڪلائڻ مھل اھو چيو ته ھو ڪتاب ھٿ ڪري موڪليندو، جيڪو واعدو ھن ٻي ڏينھن پورو ڪيو. اسپتال دوران ئي محترم نواز خان زنئور جو ڪتاب “۽ سنڌو وھندي رھندي” پڻ ڇپيو، جنھن مھرباني ڪري ڪتاب ڏياري موڪليو. انھن ٽنھي ڪتابن تي الڳ الڳ تبصرو لکڻ جي ڪوشش ڪندس. في الحال انھن ڪتابن جو سرسري طرح سان ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.

محترم ايڇ ايم ڏھر جو مٿي ذڪر ڪيل انگريزي ۾ لکيل ڪتاب 20 بابن ۽ 337 صفحن تي مشتمل آھي. 20 بابن کانسواءِ ڪتاب ۾ ڪافي اھم ۽ معلوماتي 8 ضميما پڻ ڏنل آھن. ڪتاب ۾ سنڌ جي مختلف دور ۽ سنڌو درياھه جي مختلف وھڪرن جا نقشا پڻ ڏنل آھن، جن مان ڪجهه نقشا ليکڪ طرفان ايم ايڇ پنھور جي ڪتاب “سنڌ ۾ ريجاڻي تاريخ جا 6 ھزار سال” تان ورتل آھن.

محترم حاجي محمد خان ڏھر (ايڇ ايم ڏھر) جو جنم 27 جولاءِ 1923ع تي شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ شاھپور ۾ ٿيو. ڏھر صاحب اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ 18 ڊسمبر 1948ع تي آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر طور ڀرتي ٿيو، جتان ترقيءَ جا مختلف مرحلا طئي ڪندو آخر ۾ 7 ڊسمبر 1980ع کان 26 جولاءِ 1983ع تائين سنڌ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جي عھدي تان رٽائر ٿيو. ڏھر صاحب 28 جولاءِ 1997ع ۾ 74 سالن جي عمر ۾ هي جھان ڇڏيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڏھر صاحب نوڪري مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ ھن ڪتاب تي ڪم شروع ڪيو پر لڳي ٿو ته زندگي ھن کي ڪتاب ڇپائڻ جي مھلت نه ڏني. تازو سندس پونئيرن ھي ڪتاب ڇپرايو آھي. ياد رھي ته ڏھر صاحب جا ٻه ٻيا ڀائر محمد نواز ڏھر ۽ بشير احمد ڏھر پڻ سنڌ آبپاشي کاتي مان اھم عھدن تان رٽائر ٿيا آھن. بشير احمد ڏھر پڻ سنڌ آبپاشي کاتي ۾ سيڪريٽري رھي چڪو آھي. ھن وقت به ھن جي خاندان مان خالد نواز ڏھر، کاتي ۾ اھم عھدي تي فائز آھي.

ايڇ ايم ڏھر جي حوالي سان ھڪ واقعو ھتي دھرائڻ مناسب سمجهان ٿو: 1972ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ مونکي سکر بئراج ريجن ۾ ھڪ نئين نڪرندڙ قبو واھه تي اوورسير جو آرڊر مليو. قبو ڪئنال جو نالو پوءِ مٽائي سيف اللھ مگسي رکيو ويو. سيف اللھ مگسي برانچ کيرٿر برانچ جي گڙنگ ريگيوليٽر (102.RD) وٽان ڪڍيو ويو آھي. سيف اللھ مگسي برانچ جو پسمنظر ھن ريت آھي ته سکر بئراج مان ساڄي پاسي کان نڪرندڙ نارٿ ويسٽرن ڪئنال (N.W.C) مان اڳتي ھلي کيرٿر برانچ نڪري ٿو. کيرٿر برانچ 102 آر ڊي بلوچستان جي سرحد ۾ داخل ٿئي ٿو. بلوچستان مان وري ڪجھه ناليون نڪتل ھيون، جيڪي بلوچستان جي زمينن کي پاڻي پھچائڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي زمينن کي پڻ پاڻي پھچائڻ لاءِ ٺھيل ھيون. جيئن ته سنڌ جون زمينون ھنن نالين جي پوڇڙ ۾ ھيون، انڪري گهڻي ڀاڱي غير آباد ٿي ويون. 1971ع ۾ ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ کيرٿر برانچ جي گڙنگ ريگيوليٽر وٽان سنڌ جو پاڻي الڳ ڪرڻ جي لاءِ ھي منصوبو ٺاھيو ويو. انھن منصوبن تي شروع ۾ آئون، غلام سرور دايو (مرحوم)، شڪور اللھ شيخ (مرحوم) ۽ عبداللھ خان مھيسر اوورسير ٿي آياسين. اسانجي ڪيمپ شھدادڪوٽ کان گنداخا ويندڙ رستي تي ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ ھئي. امام بخش جمالي ۾ ڪنھن وقت ۾ پوليس ٿاڻو هو، پر پوءِ اھو ٿاڻو بند ڪيو ويو. اسان وري انھن جي ڇڏيل جاين ۾ رھڻ لڳاسين. نوڪري کي اڃا ھفتو به نه گذريو ھوندو جو چيف انجنيئر ڏھر صاحب جو سرزمين ڏسڻ جو پروگرام مليو. آئون ۽ غلام سرور دايو (مرحوم) صبح جو سرزمين تي صاحبن جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. جيئن ته گرمي تمام گهڻي ھئي، انڪري اسان 12 وڳي کانپوءِ وڃي ڪيمپ تي ويھي رھياسون. ٿوري دير کانپوءِ خبر پئي ته چيف انجنيئر سرزمين تي پھچي چڪو آھي. اسان تڪڙا تڪڙا اتي پھتاسون. چيف انجنيئر جي پڇڻ تي اسان ٻڌايو ته اسين اوورسير آھيون. سخت ڪاوڙ ۾ پڇيائين ته نوڪري کي ڪيترو وقت ٿيو اٿوَ؟ انھيءَ تي اسان ٻڌايو ته ھڪ ھفتو. ان تي صرف ايترو چيائون ته جيڪڏھن ڪاڙھي ۾ بيھندئو ته ڪجھه سکندئو/پرائيندئو، باقي ڇانوَ ۾ ويهڻ سان ڪجهه ھڙ حاصل نه ٿيندو. ائين اسان ڪنھن وڏي تاديبي ڪارروائي کان بچي وياسين.

محترم محمد احسان لغاري جو ڪتاب “گريٽر ٿل ڪئنال کان سمالر چولستان تائين” ليکڪ طرفان مختلف وقتن تي لکيل ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مضمونن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ پاڻي سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي 33 مضمون شامل آھن. آخر ۾ ليکڪ 1991ع وارو صوبن وچ ۾ پاڻي ٺاهه جو سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪيو آھي. ڪتاب جي شروعات ۾ فضل اللھ قريشي “محمد احسان، اسان جو محسن” جي عنوان ھيٺ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو آھي. ان کانسواءِ نصير ميمڻ طرفان پڻ ڪتاب تي “ٻه اکر” جي سري ھيٺ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي لکيو آھي ته، “محمد احسان لغاري جي لکڻين تي ٻڌل ھي ڪتاب سنڌ سياسي، سماجي ڪارڪنن توڙي عام پڙھندڙن کي پاڻي تڪراري رٿائن ۽ ان جي انتظامڪاري وارا مُنجهيل سُٽ جھڙا معاملا سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا”.

محترم نواز خان زئور جو ڪتاب “۽ سنڌو وھندي رھندي” پڻ ليکڪ طرفان مختلف اخبارن م لکيل مضمونن تي مشتمل آھي. 128 صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب 14 مضمونن ۽ 2 ضميمن ھر ھڪ “ڊيلٽا ڇا آھي؟” ۽ “ڪيوسڪ ڇا آھي؟” ۽ ھڪ تقرير “ڪالاباغ ڊيم کان ڪئنالن تائين” تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب جو مھاڳ بخشل ٿَلھي لکيو آھي. بخشل ٿَلھي مھاڳ ۾ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي آخر ۾ ارشاد لغاري جو سرائيڪي نظم “دريا دي ڳول” ڏنو آھي، جيڪو پڙھڻ جوڳو آھي. زاھد اسحاق سومري پڻ ڪتاب تي پنھنجي راءِ “ٻه اکر” جي عنوان ھيٺ ڏني آھي.

ليکڪ تعارفي نوٽ ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته، “سنڌو ندي جو مسئلو رڳو سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ۡ پاڻي جي ورڇ جو مامرو ناھي ۽ نه ئي صرف قومي سوال آھي، پر اھو ماحوليات، جيوت منڊل (Ecosystem) ۽ حياتياتي گوناگونيءَ (Biodiversity) سان گڏ خود سنڌو نديءَ جي پنھنجي وجود جو سوال آھي. ھيءُ کوڙ پاسائون مامرو آھي، جنھن جي گهڻ رخي ۽ تمام جامع اڀياس جي ضرورت آھي، جنھن تي تمام گهڻي ڪم ڪرڻ جي حاجت آھي”.

مٿي ذڪر ڪيل سنڌي جو ٻيو ڪتاب پنجاب طرفان سنڌو درياھه جي پاڻيءَ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف آھي. پنجاب طرفان سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي شروعات 1889ع ۾ ٿي ۽ اڄ تائين جاري آھي. پنجاب انھيءَ سڄي عرصي ۾ پنھنجي مفاد ۾ نون نون منصوبن جو اعلان ڪري سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ انھن تي عمل ڪندو رھيو آھي. انھيءَ جو تازو مثال گريٽر ٿل ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال آھن. ھن دفعي پڻ سنڌ کي رڳو احتجاج سرندو ۽ پنجاب پنھنجا مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. اسانجا دانشور ۽ سياستدان ان مسئلي جو ڪو مستقل حل ٻڌائڻ بدران رڳو دانھون ڪوڪون ڪندا رھن ٿا.

ھن وقت جڏھن دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري وڏي اٿل پٿل آھي، انڪري وقت جي ضرورت آھي ته اسان زندگيءَ سان لاڳاپيل اھم مسئلي يعني پاڻيءَ جو مسقتل حل ڳولھيون. منھنجي نظر انھيءَ جا ٻه حل آھن، ھڪ ته پنجاب سان پاڻيءَ تي ويڙهه شروع ڪريون. جيئن ته پنجاب جا دنيا سان واپاري تعلقات، سنڌ ۾ واقع سامونڊي بندرن ذريعي آھن ۽ اسان جوابي ڪارروائي ڪري ان جي بندرن تائين پھچ روڪيون. ٻيو حل اھو آھي ته اسان پنھنجي پراڻي آبپاشي نظام کي خدا حافظ چئي دنيا ۾ نون سائنسي بنيادن تي ٻڌل آبپاشي نظام رائج ڪريون. اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي ته اسان پاڻيءَ مان گهٽ ۾ گهٽ زرعي پيداوار حاصل ڪندڙ ملڪن ۾ سرفھرست آھيون. جيستائين اسان نون سائنسي طريقن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪريون، اسان کي گهرجي ته 1991 واري پاڻي ٺاهه هيٺ سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ جدوجھد ڪريون. انھيءَ ۾ پاڻيءَ جي غلط ماپن ۽ غلط ورھاست کي روڪڻ لاءِ ماپن جو جديد ٽيليميٽري سسٽم، سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين مان نڪرندڙ سڀني واھن تي لڳايو وڃي. ان سان گڏوگڏ پاڻيءَ جي استعمال جي غير جانبدار ماھرن کان آڊٽ ڪرائي وڃي.