ميرپور بٺورو (ن پ ا) عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلعي صدر عزيز ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ مرڪز پاران مرڪزي اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ادي زاھده لاشاري، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ادي ساجده پرھياڙ، مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، مرڪزي اڳواڻ ساگر مجيد پرھياڙ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ سنڌو مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ زمينن وسيلن تي قبضن عورتن تي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلمن خلاف 17نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪراچي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ھزارين ڀينرن جي ريلي ڪڍي ويندي، جنھن لاءِ رٿابندي ڪري مختلف فيصلا ڪري 50 گاڏين جي رٿابندي ڪئي وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي ڏاڏا قادر رانٽي، ادي زاھده لاشاري، ساجده پرھياڙ چيو سنڌو درياء سنڌي قوم جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي پنجاب سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي ايٿوپيا ڪرڻ چاھين ٿا سنڌ حالت جنگ ۾ آھي، وفاقي حڪومت ۽ زرداري ٽولي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آھي سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪري رھيا آھن، پيپلز پارٽي سنڌي عوام جا گڏيل ۽ اجتماعي مفاد قومي وسيلا مال غنيمت سمجھي وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آھن، سنڌ ڌاڙيلن حوالي ڪري ڇڏي آھي سنڌ جون 13 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ اسٽيبلشمينٽ قبضو ڪري رھي آھي. اجلاس ۾ محمد ڏيٿو حسين آزاد ايوب ٻائيتار خالد سمون نياز ميمڻ نواز ڏيٿو عمر ڏيٿو مير ٽڳڙ، درياخان زئور، اشرف ميمڻ، يعقوب ڪيڙانو، رزاق ٻائيتار، عثمان ٿھيم، نجم ڪيڙانو، مھراڻ ملاح بچايو ڏيٿو، لطيف اياز ميمڻ، دلدار ڏيٿو، آمن زئور، فياض زئور، نورمحمد زئور ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.