لاهور (م ڊ) بورڊ آف روينيو پنجاب ڪرپشن  جي الزام هيٺ 125 ملازمن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو آهي. سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو پنجاب بابر حيات تارڙ جي صدارت هيٺ فل بورڊ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بورڊ آف روينيو، لينڊ رڪارڊ اٿارٽي ۽ فيلڊ آفيس ۾ بدعنواني تي 471 آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي جن مان 125 ملازمن کي نوڪري تان هٽايو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪارروائي دوران 22 ملازمن کي جبري رٽائرڊ ۽ 50 ملازمن جي سروس ضبط ڪئي وئي. جڏهن ته 262 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٻيون محڪماڻيون سزائون ڏنيون ويون آهن. سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو پنجاب بابر حيات تارڙ چيو ته بورڊ آف روينيو ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس آهي جڏهن ته احتساب جي نظام سان گڊ گورننس کي هٿي ڏني پئي وڃي.