لاهور: (م ڊ)   پنجاب جي نگران حڪومت عمران خان سان جيل ۾ آمريڪي عملدارن جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ نگران صوبائي وزير عامر مير اڊيالا جيل ۾ سينئر آمريڪي عهديدارن جي عمران خان سان ملاقات جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار  ڏنو. 4 ڏينهن اڳ چوڌري پرويز الاهي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان آمريڪي عهديدارن، يورپي يونين جي نمائندن ۽ آءِ ايم ايف جي وفد ملاقات ڪئي آهي. پرويز الاهي جي دعويٰ کان پوءِ جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ جيل کاتي جي ترجمان ان جي ترديد ڪئي هئي ۽ ٻڌايو هو ته عمران خان سان ڪنهن به پرڏيهي ملاقات نه ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين سان صرف سندس گهر ڀاتين ۽ وڪيلن جي ملاقات ٿي آهي. ترجمان چيو ته پرويز الاهي ۽ عمران خان ٻئي ڄڻا هڪ جيل ۾ ته آهن پر انهن جي سيل وچ ۾ پنج سئو ميٽرن جو فاصلو آهي ۽ ٻنهي جي اڃان تائين ڪابه ملاقات نه ٿي آهي. پنجاب حڪومت جي ترجمان عامر مير پرويزالاهي جي بيان جنهن ۾ هن آمريڪي اختيارين سان اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي ملاقات جو ذڪر ڪيو هو ان کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته اڊيالا جيل ۾ ڪنهن به آمريڪي عهديدار عمران خان سان  ملاقات نه ڪئي آهي. هن چيو ته جيل ۾ ڪنهن به قيدي سان ملاقات جي لاءِ پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت ۽ صوبائي هوم ڊپارٽمينٽ جي ضرورت هوندي آهي پر نه ته ڪنهن پرڏيهي ڊپلوميٽ طرفان عمران خان سان ملاقات جي درخواست آئي ۽ نه ئي ان جي ڪا ملاقات ٿي آهي. عامر مير مشورو ڏنو ته پرويز الاهي  کي ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.