نيويارڪ (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر  نواز شريف چيو آهي ته ڊگهي عرصي کان صبر جو ڍُڪ پي ويٺو آهيان مون کي نه ڇيڙيو وڃي، اسان سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي صبر کان ڪم ورتو آهي. نيويارڪ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان ملڪي ترقي جو هڪ به منصوبو ٻڌائي جيڪو هن شروع ڪيو هجي، پنجاب ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي لاءِ 40 کان 50 ارب روپيه ڏنا ويا. اوهان ماڻهن خيبرپختونخواهه ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن؟ ڪي پي ڪي ۾ هنن ماڻهن جي حڪومت جو ٻارهون سال هلي رهيو آهي. خيبرپختونخواهه جي عوام اهڙن ماڻهن کان نٿي پڇي ته اوهان ملڪ کي ته ڇڏيو پر اوهان اسان جي صوبي لاءِ ڇا ڪيو آهي. هن چيو ته ڪم ڪرڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي، هنن صرف ماڻهن جي اخلاق کي بگاڙيو آهي ۽ ماڻهن کي بدتميزي جو ڪلچر سيکاريو آهي، جڏهن منهنجي حڪومت هئي انهي وقت صرف 104 روپين جو ڊالر هو ۽ وياج جي شرح پنج سيڪڙو هئي، اسان جي ناڻي جا ذخيرا  ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي هئا. آءِ ايم ايف کي اسان خدا حافظ چئي ڇڏيو هو پر هي ماڻهو انهي کي واپس وٺي آيا. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پي آءِ اي خريدڻ چاهي ٿي ان باري ۾ هن مون سان صلاح ڪئي، کيس چيم ته يا ته پي آءِ اي خريد ڪريو يا وري نئين ايئرلائين ٺاهيو جنهن جو نالو پنجاب انٽرنيشنل ايئرلائن رکيو وڃي ان جون ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، پشاور مان نيويارڪ تائين سڌيون اڏامون هجڻ گهرجن.