اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ تڪراري چولستان ڪئنال رِٿا جا تفصيل پيش ڪندي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته اِرسا چولستان ڪئنال منصوبي لاءِ چار هڪ ووٽن جي اڪثريت سان اين او سي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت پاران قومي اسيمبليءَ ۾ لکت ۾ پيش ڪيل تفصيلن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته چولستان ڪئنال جي رٿا وارن علائقن ۾ 66 لک 55 هزار 360 ايڪڙ زمين آهي. 2 لک 60 هزار ماڻهن جي آبادي، 12 لک چوپايو مال به موجود آهي. جڏهن ته اِن رٿا تحت موجود ٽن لنڪ ڪئنالن جي پاڻي کڻڻ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏ چار نوان ڪئنال به تعمير ٿيندا. تفصيل موجب ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبر ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو جي سوال جو پاڻي معاملن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ لکت ۾ جواب ڏيندي قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو آهي ته پنجاب جي درخواست تي 17 جنوري 2024ع تي ارسا جي ٿيل اجلاس ۾ ارسا چولستان ڪئنال لاءِ پاڻيءَ جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي غور ڪيو. جنهن جي چئيرمين سميت صوبن جي پنجن ميمبرن مان رڳو سنڌ جي ميمبر مخالف ڪئي. ائين ارسا اٿارٽي چار هڪه ووٽ جي اڪثريت سان پاڻيءَ جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ارسا گذريل پنجن سالن دوران رڳو چولستان ڪئنال منصوبي لاءِ پاڻيءَ جي دستيابي لاءِ اين او سي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي. لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ وفاقي پاڻي معاملن واري وزير موقف اختيار ڪيو آهي ته چولستان ڪئنال غير مستقل ڪئنال آهي جيڪو پنجاب جي ٻوڏ واري پاڻي جي حصي تحت ٻوڏ دوران وهايو ويندو. جنهن کي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ پنجاب جي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو ويندو. اهو ڪئنال رڳو خريف سيزن دوران وهايو ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڪالهه لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چولستان ڪئنال منصوبي جي ڪُل ايراضي 66 لک 55 هزار 360 ايڪڙ زمين آهي جنهن ۾ گريٽر چولستان جي 46 لک 58 هزار 760 ايڪڙ، ڇوٽا چولستان جي ايراضي 19 لک 96 هزار 600 ايڪڙ آهي. انساني آبادي 2 لک 60 هزار، چوپايو مال جي 12 لک آبادي ڳڻائي وئي آهي. جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اِن منصوبي تحت ٽن موجود ڪئنالن جي پاڻي کڻڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو ويندو. جڏهن ته فتح، مراد، هاڪڙا، هارن نالي نوان ڪئنال قائم ٿيندا.