پنجاب جي ڪچي ۾ آءِ جي پنجاب جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري، ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

0
209

رائونتي (رپورٽر) پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري  رهيو، پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾  پوليس جو ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري آهي

آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري آهي، اي آءِ جي مقصود الحسن، آر پي او، ڊي  پي اوز رحيم يار خان ۽ راجن پور به ڪچي واري علائقي ۾ موجود آهن

پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ڪيترن  ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري  ڇڏيو آهي، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو

ڊي پي او رحيم يار خان جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس سان مسلسل رابطي ۾  آهيون، گڏيل آپريشن به ڪنداسين، سنڌ پوليس به ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي

هي به پڙهندا

ڀريا سٽي ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجڻ جي دعويٰ