لاهور (م ڊ) پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل چيو آهي ته صوبي ۾ سياسي مداخلت گهڻي آهي، ڪنهن ميوزيڪل چيئر جو حصو بڻجڻ نه ٿو چاهيان، لاهور ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب جي صدارت هيٺ آل سيڪريٽريز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته آئون سياسي ميوزيڪل چيئر جو حصو نه ٿو بڻجڻ چاهيان، ذريعن موجب ڪامران افضل چيو ته سياسي مداخلت تمام گهڻي آهي، ڪنهن آفيسر جو مدو پورو ٿيڻ ناهي ڏنو ويندو، وزيراعظم سان ملاقات ڪري درخواست ڪئي ته منهنجون خدمتون واپس ورتيون وڃن ته شهبازشريف چيو 13 سيپٽمبر تائين ڪنهن ٻئي کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪنداسين، ذريعن موجب ڪامران علي افضل ملاقات کي الوداعي قرار ڏنو ۽ چيو ته مون ڪوشش ڪئي ته آفيسرن سان ٽيم بڻجي ڪم ڪريان پر حالتون اهڙيون ناهن جو پنجاب ۾ وڌيڪ ڪم جاري رکي سگهان، چيف سيڪريٽري چيو ته منهنجو وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سان به رابطو ٿيو آهي، منهنجون خدمتون جلد واپس ورتيون وينديون.