سنڌ ۾ آباد ڪروڙين انسان، جانور، پکي پکڻ،سامونڊي ڊيلٽا،شھر ۽ ڳوٺ، سنڌ جون سرسبز ۽ شاداب زرخيز زمينون،وڻ ٽڻ، جيت جناور ۽ سڀ ساھوارا پنھنجي جياپي جي پرامن جنگ وڙھي رھيا آھن. سڀني جو ھڪڙو ئي مطالبو آھي ته اسان کان زندگي نه کسيو ۽ کين زنده رھڻ جو حق ڏيو. سنڌو دريا اسان جي زندگي آھي. اھا زندگي کسڻ بند ڪريو. سنڌ کان زنده رھڻ جو حق کسڻ لاء نه ارغون ۽ ترخان حملي آور ٿيا آھن ۽ نه وري مدد خان جي شھزور گھوڙن جي سُنبن ۽ بي رحم فوجن حملو ڪري سنڌ جي عوام جو ھاڻوڪو حشر ڪيو آھي.
باريڪ بينيء سان ڏٺو وڃي ته تاريخ جي ھن گھڙي ۾ سنڌ مٿان ھاڻوڪو حملو ارغوني، ترخاني ۽ مددشاھي حملي کان به وڌيڪ بي رحم ۽ سفاڪ حملو ڪيو ويو آھي. آمريڪا سامراج جي سالميت کي ويٽنام جھڙي ننڍڙي ملڪ مان ڪوبه خطرو ڪونه ھو، پر قومن کي غلام بڻائي ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاء ويٽنامي عوام مٿان جنگ مڙھي اڪثر اھڙيون دوائون استعمال ڪيون وينديون ھيون جو سرسبز پھاڙ ۽ ميدان ويران ٿي ويندا ھئا، معصوم شھرين مٿان نيپام بم، فاسفورس بم ۽ ٻين گئسن وسيلي حملا ڪيا ويا. ويٽنامي عوام، آمريڪا سامراج جي ان ظلم ۽ بربريت سان ھمت ،بھادري ۽ جرئت سان مقابلو ڪري ديو ھيڪل سامراجي ملڪ کي شڪست ڏئي سرخرو ۽ سوڀارا ٿيا. پر سنڌ مٿان نه نيپام بم ڪيرايو ويو آھي ۽ نه وري ٻاھرين حملي آورن حملو ڪيو آھي. ھي حملو انتھائي چالاڪي ۽ ڊگھي جنگي حڪمت عملي تي مشتمل آھي. سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ سنڌي عوام کي غلام بڻائڻ لاء ملڪ ٺھڻ شرط سنڌ متعلق جيڪا حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ھئي ان تي قسطن ۾ عمل ڪيو پيو وڃي. ان حڪمت عملي جو پھريون حصو ھو مسلمان ڀائر، مذهب، ملڪي مفاد، ملڪي ترقي ۽ سالميت وغيره وغيره.
ان حڪمت عملي تي عمل ڪندي پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي مارشلائون ھڻي طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن، تيل ڪوئلي گئس سمنڊ بندرگاھ سميت ھر شيء تي ناجائز ۽ زبردستي قبضو ڪري ورتو.جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي، تان جو ھاڻي سنڌو درياء تي دينا داستي، زور زبردستي ڌاڙو ھڻي سڄو درياء ڳڙڪائي سنڌ جي نڙيء تي نُنھن رکي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء تڙپائي تڙپائي مارڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.
ھن وقت سنڌ ۾ پاڻي ناياب ۽ اڻلڀ ھجڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. آبادگار ۽ ھاري خريف جو فصل پوکي ڪونه سگھيا آھن. بيٺل فصل مڪمل طور تي سڙي سُڪي ختم ٿي ويا آھن. انسان، جانور، پکي پکڻ پاڻي جي ڦڙي ڦُڙي لاء تڙپن پيا. ٻھراڙين سان گڏ شھرن ۾ پاڻي جي اڻ ھوند ڪري صورتحال نازڪ ٿي وئي آھي. تلاءُ خالي ٿيڻ ڪري شھري ٽينڪر مافيا کان گٽرن وارو غليظ ۽ گندو پاڻي ھزارين روپين ۾ وٺڻ تي مجبور آھن. سمنڊ جو کارو پاڻي مٿي چڙھي اچڻ ڪري ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعا مڪمل طور تي تباھي جي ڪناري تي پھچي ويا آھن. جيڪڏھن ھن قسم جي صورتحال ڪجھ ڏينھن جاري رھي ته ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي سگھڻ جو خدشو موجود آھي. سنڌ ۾ قحط، ڏڪار ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي باوجود وفاقي حڪومت ۽ ارسا طاقت جي غرور ۽ گھمنڊ ۾ سنڌ کي پنھنجي حصي پتي جو پاڻي ڏيڻ لاء تيار ناھن.
ھڪڙي پاسي سنڌ ۾ مٿين قسم جي انتھائي گنڀير صورتحال آھي ته ٻئي پاسي ميڊيا جي اطلاعن مطابق تازو ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي جي ميٽنگ محمد صابر جي صدارت ۾ ٿي آھي. ان ۾ سيڪريٽري ظريف کيڙو ۽ احسان لغاري صاحب شرڪت ڪري سنڌ سان پاڻي جي معاملي ٿيندڙ زيادتين ۽ لڳندڙ ڌاڙي تي سخت احتجاج ڪيو آھي. پر وفاقي حڪومت ۽ ارسا سنڌ جي سخت احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو. رپورٽن مطابق سنڌ جي ٻنھي نمائندن مکي طور تي اعتراض ڪندي چيو ته ٻه ڌاڙيل واھ تونسه پنجند ۽ چشما جھلم لنڪ ڪينال جيڪي ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت جي اجازت سان کولڻا آھن،
اھي اعتراضن باوجود زور زبردستي کولي سنڌ جي حصي پتي جو پاڻي کنيو پيو وڃي، مٿين ٻنھي کليل ڌاڙيل ڪينالن سميت گريٽر ٿل ڪينال بند ڪيا وڃن. سنڌ جي اعتراضن ۽ احتجاجن جي باوجود ارسا ٻئي ڌاڙيل ڪينال ۽ گريٽر ٿل ڪينال بند ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ کي چشما کان پاڻي ڏيڻ بدران گڊو وٽ پاڻي پورو ڪري ڏنو وڃي، سنڌ کي پورو پاڻي ڏيڻ کان پوء ڊيم ڀريا وڃن، پنجاب سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻڻ بدران پنھنجي حصي پتي جو اسٽور ڪيل پاڻي استعمال ڪري. مٿيان سڀ اعتراض ارسا ھڪڙي ئي ڌڪ ۾ رد ڪري ڇڏيا آھن.
وفاقي حڪومت، پنجاب جي حڪمران طبقي ۽ وفاقي ادارن جو سنڌ سان رويو ڀاء ۽ برابري وارو ھجڻ بدران زور زبردستي ۽ ڏاڍ مڙسي وارو رھيو آھي ته ٻئي پاسي اھا پروپئگنڊا زور شور سان جاري آھي ته پنجاب پنھنجي حصي پتي مان پاڻي کڻي ٿو. پنجاب جو حڪمران طبقو ۽ وفاقي حڪومت سنڌو درياء مان ٻيا ڪينال ڪڍڻ بابت سڄو وقت اھو راڳ پيا آلاپين ته اسين ڪنھن سان زدياتي ڪونه ڪنداسين، حالانڪ گذريل ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي ۽ ملڪ ٺھڻ کان پوء پنجاب جي حڪمران طبقي ۽ وفاقي حڪومتن طرفان ننڍن صوبن جي عوام سان ڪيل ناانصافين ۽ ڏاڍاين جو داستان ملڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا آھن.ان ڪري پنجاب جي حڪمران طبقي تي اعتبار ڪرڻ پنھنجي پير ۾ ڪھاڙو ھڻڻ برابر آھي. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ بدران صرف خط لکڻ ۾ پوري آھي. حالانڪ ن ليگ جي وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي بيساکين تي بيٺل ۽ ڪمزور پوزيشن ۾ آھي.
جيڪڏھن پيپلزپارٽي چاھي ته ن ليگ کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿي ۽ جائز مطالبا نه مڃڻ ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي پتي جو پاڻي نه ڏيڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري، پر ائين ڪندا ڪونه. اھو ٿيو ٻٻرن کان ٻير گھرڻ.ان ڪري سنڌ جي ڪروڙين عوام کي پنھنجي جياپي جي جنگ وڙھڻ لاء حڪمران طبقي مٿان ڀاڙڻ بدران پنھنجي عوامي قوت ۽ طاقت تي ڀروسو رکي منظم ٿي ڊگھي رٿابندي، مستقل مزاجي،ڏاھپ ۽ دورانديشي سان وڙھڻ لاء تياري ڪرڻ کپي. سنڌ جي عوام ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ٿوري ھمت ڪئي ۽ اُٿي بيٺا ته ان ڌرڻي سٺا نتيجا ڏنا.ان ڌرڻي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، وفاقي توڙي سنڌ جي صوبائي حڪومت کي پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو. ڊگھي پرامن جمھوري جدوجھد جاري رکڻ کپي.