ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پنجاب جيان سنڌ ۾ به بجلي 14 رپيا يونٽ سستي ڪئي وڃي. هن چيو ته پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. سکر ۾ اڄ ڏهه هزار راشن جا بيگز موڪليا پيا وڃن. صورتحال کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي ۽ گورنر هائوس ۾ ايمرجنسي سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي جيڪي پريشان آهن اهي فوري طور تي 1366 تي رابطو ڪن.  هن گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو ته جيڪڏهن صوبي ۾ طوفاني برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پي ڊي ايم اي ڪنٽرول نه ڪيو ته پوءِ اين ڊي ايم اي ان تي ضابطو آڻيندي.  اين ڊي ايم اي جي چيئرمين سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي کي  متاثر ماڻهن لاءِ 10 هزار راشن موڪلڻ جي آڇ ڪئي آهي ڇو ته اسان سڀني کي گڏجي هن صورتحال کي منهن ڏيڻو آهي. ۔ ھن چيو ته ڪراچي جي عوام جي گورنر اييشيٽو جاري منصوبن ۾ ڪراچي واسي جي ڀرپور دلچسپي ان منصوبن جي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، اميد آهي ته ڪراچي جا شهري مستقبل ۾ به اهڙو ئي جوش ۽ جذبو ڏيکاريندا. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سنڌ صوبي ۾ طوفاني برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري انتظام ڪيا وڃن.  ھن چيو ته برسات متاثر علائقن ۾ راشن جا ٿيلها موڪلي رهيا آهيون ميئر سکر بهترين شخص آهي، هن قدرتي آفت ۾ سمورن ماڻهن کي پنهنجي وس آهر ڪم ڪرڻ گهرجي. ھڻ  ڪراچي جي سمورين اين جي اوز، واپارين کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجي عوام سان گڏ بيهڻ ۽ امدادي سرگرمين ۾ مڪمل تعاون ڪن. پنجاب ۾ بجلي جي يونٽن ۾ گهٽتائي بابت  گورنر چيو ته هو  سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي رهيو آهي ته سنڌ ۾ به بجلي جي يونٽن ۾ 14 رپيا گهٽتائي ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته هن وقت صوبي جي عوام کي  سهولتون فراهم ڪيون وڃن پنجاب حڪومت به پنهنجي بجيٽ مان 14 ارب رپيا گهٽائي ڇڏيا آهن گورنر سنڌ چيو ته 6 سيپٽمبر تي گورنر هائوس ۾ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪنداسين. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته 13 کان 14 آگسٽ جي پروگرام ۾ گورنر هائوس جو هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو، ارشد نديم کي ڏنل رقم ۾ هڪ رپيو به گورنر هائوس جو ناهي وڏي تعداد ۾ وڌيڪ راشن بيگز آيا آهن. ھن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ وسيلن جي کوٽ آهي، پر صوبي جي عوام ۾ احساس محرومي نه پيدا ڪئي وڃي، مان مريم نواز جي ڪوششن جي تعريف ڪندس۔ هر جاء تي وڃي رهي آهي ۽ پنجاپ ۾ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ بيشڪ اهو شارٽ ٽرم هجي يا لانگ ٽرم آهي