سوشل ميڊيا جي هن جديد دور ۾ رڳو شهري نه، پر ڳوٺاڻو طبقو به وڏي دلچسپي سان حصو وٺي رهيو آهي ۽ پنهنجي روزمره جي روٽين جا ويلاگ ٺاهي، يوٽيوب ذريعي مهيني جا لکين رپيا ڪمائي رهيو آهي. جيڪڏهن يوٽيوب تي نظر وڌي وڃي ته هڪ کان پوءِ ٻيو ويلاگنگ چينل سامهون اچي ٿو، جنهن تي ماڻهو پنهنجا ننڍا وڏا، خاص ۽ عام ڪم ڪئميرا جي سامهون رڪارڊ ڪري دنيا کي ڏيکاري رهيا آهن. پر ڇا توهان هڪ اهڙي ڳوٺ بابت ڄاڻو ٿا جتي گولڊن ۽ سلور پلي بٽڻن جو وڏو تعداد آهي ۽ هتي جو هر ماڻهو يوٽيوبر بڻيل آهي، ايتري قدر جو هر گهر جي ماڻهن جو پنهنجو يوٽيوب چينل آهي؟

پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي هڪ رهواسيءَ ٻڌايو ته هن تقريباً هڪ کان ڏيڍ سال اڳ يوٽيوب جي دنيا ۾ قدم رکيو هو ۽ اڄ هو 100 کان وڌيڪ يوٽيوب پلي بٽنز جو مالڪ آهي ۽ جلد ڊائمنڊ بٽڻ به سندس ملڪيت ۾ هوندو. شروعاتي جدوجهد، ماڻهن جا منفي تبصرن ۽ ٽوڪبازيءَ جي باوجود، هن شخص پنهنجي 6 سالن جي اسپتال واري نوڪري ڇڏي يوٽيوب چينل ٺاهيو ۽ رڳو 6 مهينن ۾ پنهنجا 2 کان 3 چينل مونيٽائز ڪرائي ورتا.

يوٽيوبر پنهنجي شروعاتي جدوجهد تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس پهريون چينل اسلامي مواد تي ٻڌل هو، جنهن تي هڪ وڊيو ايتري وائرل ٿي جو ملينز ۾ ويوز مليا. پوءِ ڇا، انهيءَ هڪ وڊيو کان پوءِ هن پنهنجو چينل مونيٽائز ڪرڻ سان گڏ وڌيڪ چينل به ٺاهي ڇڏيا. يوٽيوبر ٻڌايو ته پهرين هو اڪيلو پنهنجي چينل کي اڳتي وڌائي رهيو هو، پر هاڻي سندس ٽيم ۾ تقريباً 20 ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هر ٽيم ميمبر وٽ 2 کان 3 چينل آهن. يوٽيوبر وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته رڳو سندس ڳوٺ مان 200 کان وڌيڪ چينل يوٽيوب تي موجود آهن ۽ هن ڳوٺ ۾ ڪو به اهڙو گهر نه آهي جنهن جو يوٽيوب چينل نه هجي.

ايتري تائين جو ويجهن ڳوٺن جا ماڻهو به هتي اچي ٽريننگ وٺن ٿا ۽ پنهنجا چينل ٺاهين ٿا. يوٽيوب ذريعي پنهنجي آمدني بابت انڪشاف ڪندي يوٽيوبر حيدر علي ٻڌايو ته هاڻي هو يوٽيوب مان هڪ ڏينهن ۾ ايترو ڪمائي ٿو جيترو هو سڄي سال ۾ اسپتال جي نوڪري مان به نه ڪمائيندو هو، جڏهن ته سندس ٽيم ميمبرز به تقريباً مهيني جا 5 کان 6 لک رپيا ڪمائين ٿا. يوٽيوبر حيدر علي جو چوڻ آهي ته هاڻي پاڪستان ۾ ايترو ٽيلنٽ موجود آهي جو ماڻهو ٻاهرين ملڪن کان وڌيڪ پاڪستان ۾ رهي آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا…. (فيس بوڪ تان ورتل)