سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) پنجاب تڪراري تونسا پنجند ند ڪئنال جي کڻت وڌائي 3953 ڪيوسڪ ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ هوندي ڊيم ڀرڻ جو سلسلو جاري، منگلا ڊيم ۾ 67.5 ۽ تربيلا ڊيم ۾ 25.05 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، ان ڏس  ۾ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي آمد 51500 ڪيوسڪ رھي، ڊيم ۾ 31500 پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، جڏهن ته ڊيم مان 20 گزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. هوڏانهن منگلا ڊيم وٽ پاڻي جي آمد 14853 ڪيوسڪ رهي، ڊيم ۾ 16853 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪري 25000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو،ٻئي طرف چشما بئراج واري ڍنڍ ۾ 8.55 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، هوڏانهن ملڪ ۾ پاڻي آمد 148076 ڪيوسڪ هوندي چشما وٽان سنڌ لاءِ 45000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، جيڪو رستي ۾ زيان ٿيندو سکر وٽ 29035 فوٽن تي پهتو، ٻئي طرف رابطي تي ارسا ترجمان راڻا خالد ڊيم ڀرڻ جو ڪارڻ ٽيڪنيڪل ڄاڻائي ڇڏيو، سندس چوڻ ته تربيلا ڊيم جي ٽنل نمبر چار ۽ پنج تي ڪم هلي ٿو، جتي پاڻي جي سطح 1432 فوٽ گهربل آھي، انهي ڪري پاڻي ذخيرو پيو ٿئي, هن وقت تربيلا جي سطح  1427.05 فوٽ آهي، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ۾ 5 فوٽ پاڻي لازمي ڀرڻو آهي، ساڳئي ريت منگلا ڊيم جي اسپل ويز تائين پاڻي پهچائڻ لاء ڊيم ڀريون پيا, اسڪردو ۾ گرمي پد ڪرڻ سبب انڊس زن ۾ ۾ پاڻي گهٽبو، اسان جي ڪوشش آهي ته پنجاب کي سنڌو زون بجاء منگلا زون مان پاڻي ڏيون. هن چيو ته اترين علائقن ۾امڪان کان اڳ ئي برساتون بند ٿيون آھن، وڌيڪ برساتن جا امڪان گهٽ آهن ارسا ترجمان راڻا خالد چيو ته سڀ صوبا ارسا پاران ڊيم ڀرڻ وارن کنيل قدمن سان متفق آھن, ڊيمن ۾ گڏ ٿيل پاڻي صوبن کي ڏنو ويندو, ارسا ترجمان موجب پنجاب کي 65 هزار ۽ سنڌ کي 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيون پيا هوڏانهن ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري جو چوڻ هو ته ارسا ۾ ڊيمن ڀرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو, مون ڊيمن ڀرڻ تي راضپو ناهي ڏيکاريو،  مون ارسا چيئرمن کي چيو آھي ته ڊيمن کي مئي تائين رن آف رور تي هلايو وڃي, هن چيو ته مون اهو به چيو آھي ته ٽي پي ۽ چشما پنجند ڪئنال بند ڪري سنڌ کي پنهنجي انڊينٽ جو پاڻي ڏنو وڃي, سنڌ کي گهربل پاڻي ملڻ بعد بچندڙ پاڻي ڀلي تربيلا ۾ ذخيرو ڪيو وڃي  هوڏانهن سنڌ  آبپاشي کاتي موجب سنڌ ۾ مجموعي پاڻي کوٽ 45 سيڪڙو کان مٿي آھي, سکر وٽ 46 ۽ ڪوٽڙي وٽ 29 سيڪڙو کوٽ آهي