اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب جي آبپاشي کاتي ٻوڏ دوران پاڻي وهائڻ لاءِ قائم ڪيل تڪراري سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت ۾ ٻيڻ تي واڌ ڪري ڇڏي، توسا وٽان ڇڏيو ويندڙ پاڻي سنڌ ۾ مڪمل طور ڇو نٿو پهچي ان مامري جي جاچ لاءِ ڪاميٽي تونسا پهچي وئي، وهڪرن جو جائزو، تفصيل موجب گذريل ڇنڇر ڏينهن ارسا پنجاب صوبي جي فرمائش تي تڪراري سي جي لنڪ ڪينال کي کولڻ جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني هئي جنهن بعد ڇنڇر ڏينهن سي جي لنڪ ڪينال مان 900 ڪيوسڪ پاڻي کنيو ويو هو پنجاب جي آبپاشي کاتي ڪالھه آچر ڏينهن سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت ۾ ٻيڻ کان وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي ڪالھه سي جي لنڪ ڪينال ذريعي پنجاب 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف سنڌ صوبي پاران پاڻي فراهمي جي انڊينٽ 90 هزار ڪيوسڪ ڏني وئي آھي ان جي گهرج جي موٽ ۾ ارسا سنڌ کي 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آھي پر ڪالھه به گڊو بيئراج وٽ پاڻي جي آمد يعني گڊو بيئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو 49407 ڪيوسڪ رهيو جنهن جو مطلب سنڌ کي فراهم ٿيندڙ پاڻي مان ڪالھه به 25593 ڪيوسڪ پاڻي گهٽ پهتو آھي هوڏانهن تونسا وٽان سنڌ لاءِ فراهم ٿيندڙ پاڻي پوري مقدار ۾ گڊو وٽ  نه پهچڻ واري مامري جي جائزي لاءِ  پاڻي مامرن جي وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه  پاران  فيڊرل فلڊ ڪميشن جي چيئرمين احمد ڪمال جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ  ڪاميٽي پنجاب پهچي وئي، جنهن ڪالھه تونسا جي وهڪرن جو جائزو ۽ وهڪرن جي ميئرمينٽ ڪئي، انهي جاچ ڪاميٽي ۾ ارسا ۾ سنڌ مان ميمبر زاهد جوڻيجو، پنجاب مان مقرر ميمبر امجد علي ۽ بلوچستان مان مقرر ميمبر عبدالحميد مينگل به شامل آهي،  جوڙيل ڪاميٽي ٻن ڏينهن بعد چاچڙان واري هنڌ تي پاڻي جي سطح تي پاڻي جي جاچ ڪرڻ لاءِ پهچندي ، هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ سنڌ پنجاب جي دنگ وٽ پاڻي وهڪرن جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ ڪاميٽي گڊو وٽ پهچندڙ وهڪرن جو جائزو وٺندي ۽ بلوچستان کي پاڻي فراهم ٿيندڙ پاڻي وهڪرن جو به جائزو ورتو ويندو،ذريعن مطابق اها ڪاميٽي هفتي اندر پاڻي مامرن جي وفاقي وزير کي رپورٽ فراهم ڪندي، ذريعن مطابق سنڌ صوبي پاران اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته تونسا وٽان سنڌ لاءِ جيتري مقدار ۾ ارسا پاران پاڻي فراهمي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، ان مقدار کان گهٽ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، تونسا وٽان سنڌ لاءِ  ڇڏيو ويندڙ پاڻي گڊو بيراج تائين پوري مقدار ۾ نٿو پهچي، ان معاملي تي پهريان به هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي جنهن تصديق ڪئي هئي ته تونسا وٽان سنڌ لاءِ ڇڏيو ويندو پاڻي مان 10 کان 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي تونسا کان پنجاب جي حدن مان ئي گم ٿي وڃي ٿو، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.