ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پنجاب اسيمبلي ۾ پهرين ڪامن ويلٿ پارليامينٽ ايسوسيئيشن ڪانفرنس ٿي گذري. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مخدوم فخر زمان پنجاب اسيمبلي ۾ منعقد ٿيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي پهرين ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ڪانفرنس ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندگي ڪئي. ڪانفرنس ۾ صحت ۽ تعليم جي موضوع تي بحث ڪندي مخدوم فخر زمان انهن شعبن ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي روشني وڌي. ان موقعي تي پنجاب جو صحت وارو وزير خواجه سلمان رفيق، تعليم وارو وزير رانا سڪندر حيات، ملائيشيا، سريلنڪا ۽ مالديپ جا معزز مھمان پڻ موجود هئا. مخدوم فخر زمان تعليم ۽ صحت ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ چيو ته عوامي ڀلائي لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاقوامي سطح تي سهڪار ضروري آهي. هن تعليم ۽ صحت جي شعبن کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ڪانفرنس ۾ موجود مختلف ملڪن ۽ صوبن جي نمائندن گڏيل تجربن جي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.