لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي 26 معطل ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي، اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب اسپيڪر آفيس جي ذريعن موجب هنگامو ۽ احتجاج ڪندڙ ميمبرن کي هٽائڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن. آئيني ۽ قانوني نقطن تي غور جاري آهي، جڏهن ته اسپيڪر آفيس طرفان اعليٰ عدالتي فيصلن جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اڳوڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ عمرعطا بنديال جي حمزه شهباز خلاف فيصلي تي به غور ڪيو ويو.