اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شماريات کاتي ملڪ ۾ ڳالهائي ويندڙ مادري ٻولين جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ 89 لک ماڻهن جي مادري ٻولي پنجابي ۽ 4 ڪروڙ 36 لک آبادي جي مادري ٻولي پشتو آهي، جڏهن ته 3 ڪروڙ 44 لک آبادي جي مادري ٻولي سنڌي آهي. شماريات کاتي موجب 2 ڪروڙ 88 لک ماڻهن جي مادري ٻولي سرائيڪي ۽ 2 ڪروڙ 22 لک کان وڌيڪ آبادي جي مادري ٻولي اردو آهي.اهڙي ريت 81 لک 17 هزار آبادي جي مادري ٻولي بلوچي آهي، جڏهن ته 55 لک 90 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي هندڪو، 27 لک 78 هزار آبادي جي مادري ٻولي براهوي، 10 لک 39 هزار جي مادري ٻولي ڪوهستاني ۽ 2 لک 74 هزار آبادي جي مادري ٻولي ڪشميري آهي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ لک 16 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي شينا، 52 هزار 134 جي مادري ٻولي بلتي ۽ 7 هزار 466 جي مادري ٻولي ڪيلاش آهي، جڏهن ته 33 لک 37 هزار ماڻهن جون ٻيون مختلف مادري ٻوليون آهن.
سنڌ سوڌو چئني صوبن جي شهري آبادي ۾ اضافو
اسلام آباد: پاڪستان جي شماريات کاتي 2017ع کان 2023ع تائين پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ آبادي وڌڻ جي شرح جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. شماريات کاتي موجب پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. پنجاب جي شهري علائقن ۾ آبادي وڌڻ جي شرح ڏوراهين علائقن جي مقابلي ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ ٿي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي شهري آبادي ۾ به اضافي جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. انگن اکرن موجب ملڪ ۾ پنجاب جو ضلعو ننڪانه صاحب آبادي وڌڻ جي شرح ۾ پهرين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ ضلعي اوڀر ڪراچي، خيبرپختونخوا ۾ ضلعي ڪوهستان ۽ بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ آبادي وڌڻ جي رفتار سڀني کان وڌيڪ تيز آهي. شماريات کاتي موجب گذريل 7 سالن جي دوران پاڪستان جي آبادي ۾ ساليانو 2.55 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو آهي. ڳوٺاڻي آبادي 1.88 سيڪڙو جڏهن ته شهري آبادي ۾ اضافي جي شرح 3.87 سيڪڙو رهي.
|
ڳوٺاڻي آبادي ۾ 1.88سيڪڙو ساليانو اضافو
اسلام آباد: شماريات کاتي موجب گذريل 7 سالن جي دوران پاڪستان جي آبادي ۾ ساليانو 2.55 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو آهي. ڳوٺاڻي آبادي 1.88 سيڪڙو جڏهن ته شهري آبادي ۾ اضافي جي شرح 3.87 سيڪڙو رهي.