مٽياري/پليجاڻي(رپورٽر+ن پ ا) پليجاڻي جي نصرپور چوڪ تي ٽريڪٽر ۾ تيز آواز سان گانا وڄائڻ تان کوسا ۽ ڇٽا ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن  ڪھاڙين ۽ لٺين جو استعمال ڪيو ويو، جھيڙي ۾ 3  ماڻھو زخمي ٿي پيا، جن مان ھڪ کي مٽياري تعلقي اسبپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ھڪ نصرپور اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آھي زخمين ۾ رستم کوسو، وھاب کوسو ۽ صوڀن ڇٽو شامل آهن. وھاب کوسو مٿي ۾ ڪوھاڙي لڳڻ سبب سخت زخمي مٽياري اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي جڏھن ته  جھيڙي واري جاءِ تي ڊي ايس پي مٽياري ۽ ايس ايچ او شاھپور پوليس نفري سميت پھچي ويا آھن.