پليجاڻي (ن پ ا) شاھپوردرپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام سمون ڀرسان پپن فقير جي درگاھ جي فقير راجا بھراڻي کي جوابدار يرغمال بڻائي 12 لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي کيس لٺيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته  شاھپوردرپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او نثار برھماڻي هڪ ڏينهن اڳ 4 ڏينهن جي موڪل تي ويل آهي.