مٽياري(رپورٽر) پليجاڻي ڀرسان سرڪاري زمين تي ميبنا قبضي تان سمان_سيد ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ کيبراڻي ٿاڻي جي حد ڪچي جي سرڪاري زمين تي ميبنا قبضي تان نصرت سمون ۽ سيد نظر شاھه جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو، جھيڙي ۾ هڪ 33 ورھين جو اعجاز ولد الله بخش سهتو ۽ ٻيو 27 ورھين جو بھادر ولد جان محمد کوسو گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا. زخمي نوجوان ڪافي دير تائين واقعي واري جاءِ تي پيل رهيا. اطلاع  باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ دير بعد پھتي، زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو ، زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪافي ٽائيم کان کيبراڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پهرين به ان سرڪاري زمينن تي جهيڙا ٿيندا رهيا آهن جنهن ۾ واٽ ويندڙ ڳوٺ ڪمال ٻٻر جو رهواسي لالو ٻٻر ۽ کيبر شھر جو رهواسي سليم ملاح جيڪي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا هئا. ٻئي طرف کيبراڻي ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آھي.