پليجاڻي مان اغوا ڄاڻايل نياڻي ريکا جو مبينا طور پرڻو ڪرڻ وارو نڪاح نامو سامهون اچي ويو

0
121

پليجاڻي مان اغوا ڄاڻايل نياڻي ريکا جو مبينا طور مذهب مٽائي پرڻو ڪرڻ وارو نڪاح نامو سامهون اچي ويو

عمرڪوٽ جي مدرسي مان سامهون آيل نڪاح نامي موجب ريکا مذهب مٽائي شهزاد جسڪاڻي نالي نوجوان سان شادي ڪئي آهي، نڪاح نامي ۾ ريکا جو نالو ڪلثوم بيان ڪيل، نڪاح نامي ۾ ريکا جي عمر 19 سال بيان ڪئي وئي آهي

 يو سي پليجاڻي مان نڪتل ريکا جي برٿ سرٽيفڪيٽ موجب سندس عمر 14 سال آهي، ريکا جي وارثن پاران گذريل ڏينهن سندن نياڻيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو

 اغوا جي ڪيس ۾ شهزاد جسڪاڻي، سندس ڀاءُ دانش جسڪاڻي ۽ 2 دوست رميش اوڏ ۽ جانڻ اوڏ نامزد ٿيل آهن