مٽياري (رپورٽر) پليجاڻي ڀرسان کيبراڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي چونڪڙي نمبر ڏھ ۾ لطيف کوسو گھر اندر ھٿيار جي صفائي ڪري رھيو ھو ته اچانڪ گولي ڇٽي وڃڻ ڪري سامھون ويٺل پيرسن عورت مسمات سھتي ۽ پاڻ مبينا گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي ويا گھر ڀاتين زخمي عورت ۽ شخص کي کڻائي کيبر رورل ھيلٿ سينٽر آندو جتان ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد نازڪ حالت ھئڻ سبب حيدرآباد نيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته زخمي عورت زخمن جي سٽ نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي وئي آھي، جڏھن ته زخمي شخص کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي پوليس رابطي تي ٻڌايو آھي لطيف کوسو گھر اندر ھٿيار جي صفائي ڪري رھيو ته اچانڪ گولي ڇٽي وڃڻ ڪري سامھون ويٺل سندس پيرسن امڙ فوت ٿي آھي ۽ پاڻ زخمي ٿيو آھي علاج لاءِ زخمي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي.