پليجاڻي(ن پ ا) يوسي جي قسمت نه بدلجي سگھي مڪاني نمائيندن به يوسي جي عوام لاء ڪو ٻٽو نه ٻاريو ، يونين ڪائونسل ۾ ھر مھيني 10 لک قست اچڻ باوجود به پليجاڻي يوسي کنڊر بڻيل آھي. يوسي جي چونڊيل نمائيندن کي 23 مھينا پورا ٿي ويا آهن پر پنهنجي يوسي جي چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي مٿان ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا ايتري تائين جو يوسي آفيس به زبون حال آهي. پليجاڻي يوسي چيرمين 23 مھينن دوران يوسي آفيس جي نئي بلڊنگ لاءِ ھڪ خط به نه لکي سگھيو آھي يوسي آفيس عوامي ڪمن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. يوسي چئيرمين عبدالغفار کوسو ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر پليجاڻي ارشد سوھو ھڪ ڏينهن به يوسي آفيس ۾ ويھي عوامي مسئلا حل ناھن ڪيا. هتان جا روڊ رستا ، صحت ، تعليم ،صفائي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ڪيترائي اهم مسئلا ھن وقت تائين حل ناھن ٿي سگھيا .هتان جي رھواسين ۽ سوشل ورڪرن سيد ارشاد علي شاھ بخاري آصف لڙڪو غلام رسول چوھاڻ آصف علي آرائين ڊاڪٽر مٺو لال علي محمد منگسي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته يوسي بنيادي سهوليتن کان محروم آهي ، پليجاڻي شھر ۾ 30 سالن باد ڊرينيج اسڪيم طور شھر جون ناليون ناقص ميٽرل طور تيار ڪيون ويون جيڪي استمعال ٿيڻ سان ناڪارا ٿي ويون آھن. شهر جا سمورا علائقا روزانه گٽرن ۽ نالين جي گندي پاڻي جي اٿلي پوڻ ڪري تلاءُ جو ڏيک ڏين ٿا. جنهن جي ڪري عوام سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رهي آهي، علائقن ۾ سخت بدبوءِ ڦهلجي وئي آهي. اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گھرجي.