نئين دهلي (م ڊ) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي فيبروري 2019ع ۾ پلواما حملي جي خبر هئي. مودي ڀارتي فوجين کي بچائڻ بدران ڄاڻي واڻي مرڻ ڏنو ۽ پاڪستان کي ان جو ذميوار قرار ڏنو. هن چيو ته پلواما ڊرامي جو مقصد رڳو بي جي پي کي چونڊن ۾ فائدو پهچائڻ هو. جڏهن مون آواز اٿاريو ته مودي سرڪار هن کي ڪوربٽ پارڪ کان ٻاهر گھرايو، ڀارتي وزيراعظم مودي ۽ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر اجيت دوول خاموش رهڻ جو چيو. ستيا پال ملڪ آگسٽ 2019ع ۾ آرٽيڪل 370 کي رد ڪرڻ دوران قابض ڀارتي ڄمون ۽ ڪشمير جو آخري گورنر هو.