گال (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ديموٿ ڪرونا رتني پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم کي سوگهو ڪرڻ لاءِ پلاننگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. سمورن فارميٽن ۾ دنيا جي بهترين بيٽرن منجهان هڪ بابر جي ساک کي تسليم ڪندي سريلنڪن ڪپتان ٽيم جي حڪمت عملي تي اعتماد جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ميدان ۾ بهترين نتيجا ملندا. ڪرونا رتني ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته بابر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون، هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته بابر  هڪ عظيم بيٽر آهي. هن چيوته بابر اعظم سمورن فارميٽس ۾ ٽاپ فائيو رينڪنگ ۾ آهي، هن گذريل سال جنهن انداز سان بيٽنگ ڪئي، کيس ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ڪنڊيشنز ۽ پِچ جي حساب سان ڪيئن کيڏڻو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته بابر خلاف ڇا ڪرڻو آهي، اسان وٽ ڪجهه منصوبا آهن ۽ اميد آهي ته اسان بابر کي پهرين ٽيسٽ ۽ ٻي ٽيسٽ ۾ به محدود ڪري سگهون ٿا.