ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پلاسٽڪ بيگز ايسوسيئيشن شاپنگ بيگز/ٿيلهين تي پابندي خلاف 48 ڪلاڪن بعد احتجاج جي ڌمڪي ڏني آھي، ايسوسيئيشن جي صدر نديم خان جو چوڻ آهي ته ميئر مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي ڇاپن دوران هر قسم جو پلاسٽڪ ضبط ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهر مان 15 هزار ٽن ڪچرو نه کڻڻ جي صلاحيت رکندڙ بلديه عظميٰ پلاسٽڪ ٺاهڻ واري صنعت سان لاڳاپيل هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته اسان عدليه جي 2019ع واري حڪم تي عمل ڪندي 50 سيڪڙو پلاسٽڪ ڊسپوزيبل تيار ڪري رهيا آهيون، واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي چيو ته هن وقت 2,500 ڪارخانا بند ٿي ويا آهن ، هڪ لک ماڻهن تي بيروزگاري جي تلوار ٽنگجي وئي آهي، هنن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھه کي اپيل آھي ته پلاسٽڪ بيگز تي پابندي واري معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.