ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا پرڳڻي ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين ( شاپنگ بيگز ) جي تياري ۽ استعمال، ڪراچي تعليمي بورڊ جي فرسٽ ايئر شاگردن کي گريس مارڪون ڏيڻ، عادي ڏوهارين جي نگراني لاءِ اليڪٽرانڪ ڊوائسز جهڙوڪ اينڪليٽس ۽ بيلٽس ( ڪڙو ۽ پٽو ) جي استعمال جي منظوري، انتهاپسندي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سينٽر فار ايڪسيلينس جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد شاهه جي صدارت ۾ 4 ڪلاڪن تائين هليل اجلاس ۾ دهشتگردن جي مالي مدد تي نظر رکندڙ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) جي ورڪنگ گروپن جي حمايت جو پڻ عهد ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ لاءِ پلاسٽڪ ٿيلهين جي تياري، وڪري ۽ استعمال تي 60 ڏينهن اندر پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ 2024ع ۾ يارهين ڪلاس جي نتيجن ۾ گهٽ مارڪون کڻندڙ شاگردن کي ڪيمسٽري ۾ 20 ۽ فزڪس ۽ رياضي ۾ 15 گريس مارڪون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو وڏي وزير تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي تي ناراضپو ظاهر ڪندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊن ۾ بي قاعدگين جي جاچ لاءِ سٺن آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، اجلاس ۾  عادي ڏوهارين جي نگراني لاءِ اليڪٽرونڪ ڊيوائسز (اينڪليٽس/بيليٽس) لڳائڻ جي منظوري ڏئي وئي، مئجسٽرٽ پوليس جي درخواستن تي ڏوهارين کي گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينن لاءِ اهڙا اوزار لڳائڻ جو حڪم ڏيندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انتها پسندي جي روڪٿام لاءِ گهرو کاتو ايڪسيلنس سينٽر قائم ڪندو، جنهن جي نگراني گورننگ بورڊ ڪندو جنهن جو سربراهه گهرو وزير هوندو. مرڪز جي اهم ڪمن ۾ تحقيق ڪرڻ، تشدد پسندي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهڻ ۽ دهشت گردي جي مالي مدد تي FATF جي ڪم جي گروپن کي مدد ڏيڻ شامل آهن. اجلاس ۾ ايڪسائيز کاتي جي سپاهين کي  گريڊ 5 کان گريڊ 7، ڊي فيڊرز کي گريڊ 6 کان گريڊ 9 ۽ جمعدار ن  کي گريڊ 7 کان گريڊ 11 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ ايڪسائيز کاتي لاءِ 9 ايم ايم پستول، گولين ۽ بلٽ پروف جيڪٽن جي خريداري لاءِ 39.9 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪورونا دوران  ڀرتي ڪيل 289 ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن جا 30 جون 2024 تي معاهدا ختم ٿيڻ تي سندن برطرفي ۽ 32 ڊاڪٽرن کي توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا 274  ڊسپنسرين (GDs) کي پي پي ايچ اءِ حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، واضح رهي ته  392 ڊسپنسرين مان 68 اڳ ۾ ئي پي پي ايچ آءِ  حوالي ٿيل آهن

ڌاٻيجي زون ۽ ماربل سٽي جي روڊن لاءِ به زمين الاٽ

ڪراچي: ڪابينا سيڙپڪاري کاتي جي درخواست تي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون  کي قومي شاهراهه (N-5) سان ڳنڍڻ لاءِ رستو اڏڻ لاءِ 10.2 ايڪڙ زمين جي منظوري ڏني، ساڳئي ريت  ملير ۽ اولهه ڪراچي ۾ ماربل سٽي روڊ لاءِ 3.34 ايڪڙ زمين  99 سالن لاءِ  ليز تي ڏني وئي . ڪابينا نيشنل ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ڪمپني (NTDC) کي مٽياري ۾ مٽياري-لاهور ٽرانسميشن لائين جي تعمير لاءِ 10-12 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ جي منظوري ڏني، ڪابينا پاڪستان هندو ڪونسلجي اپيل تي  ننگرپارڪر ۾ رام آشرم جي تعمير لاءِ 5816 چورس فوٽ ، ڏيپلي ۾ فقير پاربرهم آشرم جي تعمير لاءِ 165415 چورس فوٽ ۽ ننگرپارڪر ۾ چوڙيو مندر جي چوڌاري 12-20 ايڪڙ سرڪاري زمين  الاٽ ڪري ڇڏي

گنهور لغاري سيف ۽ زين شاهه آءِ ٽي ڪمپني جا سربراهه مقرر

ڪراچي: سنڌ ڪابينا گنهور لغاري کي سنڌ ايجوڪيشن فاؤنڊيشن جو ايم ڊي، واجد صبغت الله کي ڊي جي ريسڪيو 1122 ۽ زين الحق شاهه کي سنڌ آءِ ٽي ڪمپني جو سي اي او مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا جمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بريگيڊيئر محمد زبير شيخ جي عمر ۾ رعايت جي منظوري پڻ ڏني، ڪابينا سنڌ روينيو بورڊ (SRB) جي سينيئر ميمبر عبدالحميد ميمڻ جو مدو 12 ڊسمبر 2025 تائين وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪورونا دوران ڀرتي ڪيل 289 ڊاڪٽر ۽ اسٽاف نرسون گهر ڀيڙا: 32 ڊاڪٽرن جو مدو وڌايو ويو

ڪراچي: ڪابينا اجلاس ۾ ڪورونا دوران  ڀرتي ڪيل 289 ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن جا 30 جون 2024 تي معاهدا ختم ٿيڻ تي سندن برطرفي ۽ 32 ڊاڪٽرن کي توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏني،

ناڻي کاتي پاران بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناڻي کاتي جي اختيارين پاران بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه ناڻي کاتي جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته سنڌ ۾ ٽريزري آفيسرن، لوڪل فنڊ آڊٽ آفيسرن ۽ اڪائونٽس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين تي پابندي هوندي.