موجوده دور ۾ انسانن لاءِ پلاسٽڪ هڪ سلو پوائزن بڻجندو پيو وڃي. آمريڪي سائنسدانن ماڻھن کي خبردار ڪيو آهي ته پلاسٽڪ جو مختلف طريقن سان استعمال موت جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ٻارن جا رانديڪا، شيمپو ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي پلاسٽڪ وارين بوتلن ۽ دٻن وغيره ۾ موجود ڪيميڪلس هر سال هڪ لک کان به وڌيڪ ماڻهن جي بي وقتي موت جو سبب بڻجن ٿا. سائنسدانن جي راءِ آهي ته پلاسٽڪ ۾ م وجود ”ٿيليٽس“ نالي واري هڪ ڪيميڪل سبب هر سال 55 کان 65 سالن وارن هڪ لک ستر هزار بزرگن جا موت ٿي سگھن ٿا.
گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ ٿيليٽس جي سبب انسانن ۾ خطري کي ڏٺو ويو آهي. جنهن شئي کي مدنظر رکندي ڪن ملڪن ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي گھٽايو ويو آهي.
محقق ڊاڪٽر ليونارڊو ٽريسينڊ جو چوڻ آهي ته ٿيليٽس جو استعمال پلاسٽڪ جي اهڙين شين جي تياري ۾ ڪيو ويندو آهي جيڪي ڊگھي عرصي تائين پائدار ثابت ٿي سگھن. انسان ڪيترين ئي شين کي ڊگھي عرصي تائين استعمال ڪري ٿو جيئن فلورنگ، پلاسٽڪ پيڪيجنگ ۽ گارڊن اڪئپمينٽس وغيره. پر اهڙين سمورين شين جي استعمال سان صحت جي خرابي ۽ موت جي خطري اضافو ٿي ويندو آهي.
ان خطرن کي سمجھڻ لاءِ آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽي لينگون هيلٿ جي محققن 2001ع کان 2010ع تائين جي وچ ۾ تحقيق ڪئي. تحقيق ۾ 55 کان 64 سالن جي عمر وارن پنج هزار 303 ماڻھن کي شامل ڪيو ويو ۽ ماڻهن جي جسم ۾ ٿيليٽس ڪيميڪل جو مقدار ڪيترو آهي ان جي جاچ لاءِ سندن پيشاب جا نمونا ورتا ويا. رپورٽ جي نتيجن ۽ ٿيليٽيس جي مقدار سبب موت جي خطرن جي وچ ۾ واسطي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
جنرل اينوائرمينٽ پوليوشن جي هڪ رپورٽ مطابق جن ماڻھن ۾ ٿيليٽس جو مقدار گھڻو هو انهن ۾ موت جو خطرو به وڌيڪ هو. آمريڪا ۾ ان جي سبب اٽڪل هڪ لک ستر هزار 483 ماڻھو اجل جا شڪار ٿي سگھن ٿا.
محققن جو چوڻ آهي ته ٿيليٽس واري پلاسٽڪ جي شين ۾ کائڻ پيئڻ يا ساھه کڻڻ سبب ان جا ذرڙا انساني جسم ۾ پهچڻ سان صحت جي خرابي ۽ موت جو خطرو وڌي وڃي ٿو. خاص ڪري ٻار اهڙين پلاسٽڪ جي شين ۽ رانديڪن وغيره سان گھڻو وقت گذارين ٿا، اهي انهن شين کي ڇهن ٿا ۽ انهن کي وات ۾ وجھن ٿا جنهن سان خطرو وڌي ٿو. .
جسم ۾ پهچڻ کان پوءِ اهو ڪيميڪل ٽٽي ٿو ۽ پيشاب جي ذريعي ٻاهر نڪري ويندو آهي. پيشاب جي نموني مان ان جو پتو ڪري سگھجي ٿو. سڀ کان وڌيڪ اهو ڪيميڪل عورتن ۾ ڏٺو ويو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته ان جو ڪارڻ عورتن جو ڪاسميٽڪس پروڊڪٽس جو گھڻو استعمال آهي.
جسم ۾ ان جو مادي جو مقدار وڌڻ جي صورت ۾ صحت خراب ٿئي ٿي ۽ موت جو خطرو به وڌي ويندو آهي.
انڪري ضروري آهي ته انسان پلاسٽڪ جو استعمال گھٽائين ۽ تمام گھڻي ضروري شين کان سواءِ ان جو استعمال نه ڪن. جڏهن ته اسان وٽ پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ کاڌي پيتي جي شين جي واپرائڻ وارو لاڙو پڻ تمام عام ۽ خطرناڪ آهي ان کان به جند ڇڏائڻ گھرجي… (واٽس ايپ تي اماڻيل مواد)