پشين (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي پشين جي علائقي خانئي بابا ۾ سي ٽي ڊي ۽ سڪيورٽي فورسز جي گڏيل ڪارروائي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث هئا. سي ٽي ڊي موجب پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد آپريشن وقت به دهشتگردي ڪارروائي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا. سي ٽي ڊي عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش سول اسپتال پشين منتقل ڪيا ويا.