ملير (رپورٽ: ناز شر) پشتون قومي جرڳي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن انور خان ترين، زعفران خان، حاجي بانوت خان، عطاءُالله خان، عصمت الله مسعود، خان محمد مسعود ملير جي وسندي گلشن حديد جي اربع بچت بازار ۾ افغاني هٿان ڇرا هڻي قتل ٿيل نوجوان زاهد ميراڻي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪجهه شرپسند واقعي جي آڙ وٺي سنڌين ۽ پشتونن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ گهرن ٿا، سنڌ محبت جي ڌرتي آهي هتي رهندڙ سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهيون، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته اسان جون همدرديون مقتول جي وارثن سان آهن اسان قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريون ٿا، هنن چيو ته ڪجهه شرپسند عنصر واقعي جي آڙ ۾ سنڌين ۽ پشتونن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهين ٿا، سنڌ محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، هتي رهندڙ سموريون قومون پاڻ ۾ ڀائرن وانگر آهن، لسانيت جا نعرا لڳائيندڙ سنڌين ۽ پشتونن جي امن ۽ ڀائيچاري جا دشمن آهن، هن واقعي کي قومي جهيڙي جو سبب بڻجڻ نه ڏينداسين، سنڌي اسان جا ڀائر آهن، اسين هتي سنڌ ۾ روزگار ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي سنڌي ڀائرن کان دلي محبت ۽ ڀائيچاري جو رويو مليو آهي، قاتلن خلاف ڪيس داخل ٿي چڪو آهي اسين سنڌ حڪومت ۽ پوليس کان مطالبو ڪريون ٿا ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.