پشاور ( م ڊ ) پشاور ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز پشاور جي علائقي بڍبير ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد ماريا ويا، مارجي ويل دهشتگردن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر سميع الله عرف شينائي به شامل آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪمانڊر سلمان،عمران ۽ حضرت عمر خالد به مارجي ويلن ۾ شامل آهن. مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هئا، دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ به آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، ڪلاچي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ جوان شهيد ٿي ويو، لانس نائڪ محمد اعجاز خان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.