پشاور ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

0
112
پشاور ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جو حملو
پشاور ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

پشاور ۾ دهشتگردن پاڪ فوج جي قافلي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا
آءِ ايس پي آر موجب حسن خيل واري علائقي ۾ دهشتگردن پاڪ فوج جي قافلي تي فائرنگ ڪئي
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته شهيدن ۾ لانس نائيڪ محمد پناهه ۽ ايف سي سپاهي شمس الله شامل آهن
آءِ ايس پي آر موجب ممڪنه دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقي جو ڪليئرنس آپريشن جاري آهي

ھي به پڙھندا

ھيليڪاپٽر ۾ سوار ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سوڌو 6 فوجي جوان شھيد: آءِ ايس پي آر

بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز سان دهشتگردن جون چڪريون: آءِ ايس پي آر