جيڪب آباد(رپورٽر) پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس جو بلوچستان جي علائقي نوتال ۾ هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي، جنهن سبب بلوچستان طرف ويندڙ اپ ۽ ڊائون ٽريڪ متاثر ٿيو ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي نوتال ڀرسان روڪيو ويو 8 ڪلاڪن جي مرمتي ڪم کانپوءِ ٽريڪ بحال ڪئي وئي جڏهن ته ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي سيڪيورٽي ڪليرنس نه ملڻ سبب واپس جيڪب آباد اسٽيشن آندو ، ريلوي اختيارين ٻڌايو ته پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي جنهن سبب ٽريڪ متاثر ٿيو مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽريڪ بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته متاثر ٿيل جعفر ايڪسپريس کي ڪوئيٽا لاءِ سيڪيورٽي ڪليرنس نه ملي جيڪا ريلوي اسٽيشن جيڪب آباد تي آندو ويو باقي ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي منزل روانو ڪيو ويو آهي .