پشاور جي ھاڻوڪي سڃاڻپ ته پشتونن جي شھر طور آھي. پر، دراصل پشتون پسگردائيءَ جي علائقن مان اچي ڪري ھتي بعد ۾ آباد ٿيا ھئا. يعني دراصل بنيادي طور تي ھي پشتونن جو شھر ناھي. انھيءَ معاملي تي اسان سان صرف انھيءَ حويلي جي ٽوئر گائيڊ (Tour Guide) ئي کُلي ڪري ڳالھايو، جيڪو پراڻي پشاور جي تاريخي قصه خواني بازار ۾ قائم سيٺي حويلي يا “سيٺيان دي حويلي” جي وارثي جو دعويدار آھي. چون ٿا ته پشاور جا اصلوڪا رھواسي پشوري ھئا، جن کي ھندڪوون به چيو ويندو آھي. ھي پشوري ٻولي ڳالھائيندڙ ھئا، جيڪو ھندڪو زبان جو لھجو آھي. پشوري ماڻھو پشتون بلڪل به ڪونه ھئا، ھي خانه بدوش ٻڌايا وڃن ٿا، چون ٿا ته ھي گنڌارا تھذيب کان به اڳ پشاور آيا ھئا. سيٺي حويلي جا مالڪ پڻ پشوري ٻڌايا وڃن ٿا. ھن ست منزله حويلي جا مالڪ روس ۽ سينٽرل ايشين ملڪن سان واپار ڪندا ھئا. پر، روسي انقلاب سان ھنن جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو ۽ انھيءَ خاندان جي شاھانه ماضي جي عڪاسي ڪندڙ ھي حويلي به ھاڻي ھر نئين ڏينھن ڪنھن نئين جڳهه کان اُکڙي ٿي وڃي.
اسان به پشاور پھچندي سِڌو، پراڻي پشاور جي قصه خواني بازار پڳاسين، جتي سيٺي حويلي آھي. چون ٿا ته قصه خواني بازار جو اھو نالو قصه گوئي (storytelling) سبب پيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته سينٽرل ايشيا کان واپاري پشاور ۾ اچي ھن بازار ۾ ويھندا، قھوو پيئندا ۽ ھڪ ٻئي کي پيا حوال ٻڌائيندا ھئا. اھو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو ته ھتي قصه گوئي جي باقاعده روايت ھئي. باقاعدگي سان پروفيشنل قصه گو (storytellers) ماڻھن کي پيار، محبت، جنگ ۽ سفر جا قصه ۽ ڪھاڻيون ٻڌائي لطف اندوز ڪندا ھئا. ھتي جا قصه گو، قصه گوئي ۾ اھڙي ته ڪمال مھارت رکندا ھئا، جو ھو سڪندر اعظم جي مھم جوئي جو قصو جَي ٻڌائيندا ته اھڙي اندار ۾ ٻڌائيندا ھئا، جھڙوڪ ھو پَل پَل سڪندر اعظم سان گڏ ھئا. اھا قصه خواني بازار ئي ھئي، جتي انگريز سرڪار باچا خان جي خدائي خدمتگار جي مظاھرين تي سڌيون گوليون ھلايون.
برصغير جي فلمي دنيا به قصه خواني بازار جي دَم تي آباد ٿي. اسان به فلمي دنيا کي اڻ مٽ نالا بخشيندڙ پشاور جي ڳولھا ۾ قصه خواني بازار جي گلين ۾ نڪري پياسون، پر خبر پئي ته ھاڻي ھي دليپ ڪمار وارو پشاور ناھي، ۽ ھاڻي شايد ڪنھن محمد يوسف ۾ اھا جرئت به ڪٿي. قصه خواني بازار جي انھيءَ سوڙھي گھٽي ۾ دليپ ڪمار جي نالي تي بس سندس زبون حال گھر مليو. شھر جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائڻ جو شعور شايد تازو ئي آيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھاڻي بازار جي تاريخي ۽ قديمي عمارتن کي محفوظ ۽ انهن جي تزئين ڪئي پئي وڃي. انھيءَ لھر ۾ دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور ھائوس کي محفوظ ڪرڻ ۽ نئين سر تعمير ڪرڻ جا منصوبا به ھاڻي سرڪاري دفترن جي چڪر واري مرحلي تائين پھچي چڪا آھن. قصه خواني بازار جون ڪيئي گهٽيون ٽيتاليھ ڊگري ۾ به اھڙيون ته ٿڌيون جو گرمي جو احساس ختم پيون ڪري ڇڏين.
ملڪ جي ھر شھر وانگي پشاور جون به مُک جڳھيون سرحدي محافظن پاران حفاظت خاطر پنھنجي ڪسٽڊي ۾ ورتل آھن. شھر جي وچون وچ قلعو بالا حصار پڻ دفاعي بنيادن تي سرحدي محافظن وٽ آھي. تنھن ڪري اھو عام ماڻھن جي پھچ کان پري آھي. ائين ئي ھاڻي پشاور جو عام ماڻھو به دفاعي معاملن کان پري نظر آيو. تازو ئي جھاز ڪيرائڻ ۽ ميزائل چِٽڻ واري بيانئي جي جنگ کان به پشاور جا ماڻھو ٺُپ لاتعلق نظر آيا. مقامي ماڻھن سان انھيءَ موضوع تي ڳالھائڻ کانپوءِ ھنن جي مجموعي راءِ جو ھي خلاصو لکجي ته به غلط ڪون ھوندو ته، “اسان پنھنجا ھزارين ماڻھو وڃايا، ھاڻي، ڀلي اھي ماڻھو به ڏسن ته جنگ اصل ھوندي ڇاھي، جن اسان تي جنگ مسلط ڪئي”. اسان جي ميزبان دوست ٻڌايو ته پشتون عوام ۾ اھو شعور بيدار ڪرڻ ۾ پشتون تحفظ موومنٽ (پي ٽي ايم) جو وڏو ڪردار آھي. دوست مطابق، عمران خان کي اقتدار کان پري رکڻ کانپوءِ جوڙيل بيانئي پڻ گھڻي حد تائين پشتون عوام جي انھيءَ ذھن سازي ۾ ڪردار ادا ڪيو آھي. مزي جي ڳالھ خيبرپختونخوا ۾ جنھن عمران خان جي فين فالوئنگ جي ڪري تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺھي، انھيءَ جو پوري پشاور ۾ ھڪ به فوٽو نظر ڪونه آيو. محسوس ٿيو ته باقي ملڪ وانگي ھتي به عمران خان کي مِٽائڻ جي وس آھر ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آھي. پر ڇا ھو مِٽجي چڪو، انھيءَ سوال جو جواب شايد وقت ڏيندو.
پشاور شھر ۾ ته شٽل ڪاڪ برقعو عام جام آھي، پر پشاور جي نمايان يونيورسٽين ۾ پڻ لباس جي آزادي گھٽ ئي نظر آئي ۽ يونيورسٽين جي ڪيفيز تي ويھڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو، جھڙو انھن يونيورسٽين ۾ ڪو ايجوڪيشن نظام آھي ئي ڪونه. مجموعي طور تي شھر جي ڪاروبار تي افغاني پٺاڻن جو غلبو آھي. اھو ئي سبب آھي جو شھر جي ٽن وڏين مارڪيٽن صدر، بورڊ بازار ۽ ڪارخانه مارڪيٽ مان ٻن مارڪيٽن ڪارخانه مارڪيٽ ۽ بورڊ بازار ۾ اڪثريتي ڪاروبار افغاني پٺاڻن جو ئي آھي. ڪارخانه مارڪيٽ کي نيٽو مارڪٽ پڻ چيو ويندو آھي، افغانستان مان اسمگلنگ کانپوءِ سامان اڪثر ھتي اچي پھچندو آھي، انھيءَ مارڪيٽ ۾ اسٽيشنري کان وٺي ھر شيءِ سستي اگھ تي ميسر آھي. نيٽو مارڪيٽ انھيءَ رستي تي آھي، جيڪو رستو سڌو افغانستان واري طورخم بارڊر ڏانھن وڃي ٿو. جيڪو ھتان کان تقريباً ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي آھي. ماڻھن جي عام رواجي خوراڪ، صبح، ٻپھر، رات رڳو گوشت ئي آھي.
عام طور تي پشاور ميڊيا جي تنقيد جي زد ۾ رھندو آھي. پر ذاتي تجربي مان معلوم ٿيو ته ھتي بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) تحت ھلندڙ سرڪاري ٽرانسپورٽ جو نظام ته انتھائي بھترين ۽ مڪمل طور ڊجيٽل ضرورتن سان ھم آھنگ آھي. پاڪستان جي ٻين ڪيترن ئي شھرن وانگي ھتي به مذھبي شڪل اھا ئي آھي. پر اھڙي مذھبي معاشري ۾ به قصه خواني بازار ۾ ھڪڙي اھڙي جڳهه آھي، جتي مندر ۽ مسجد لڳو لڳ وجود رکن ٿا.