پشاور زلمي کي شڪست: ملتان سلطانز پي ايس ايل جي چيمپئن بڻجي وئي

0
141

دبئي (اسپورٽس نيوز) ملتان سلطانز پشاور ذلمي کي فائينل ۾ 47 رنسن تان شڪست ڏئي پي ايس ايل جي چئمپيئن بڻجي وئي آهي. دبئي ۾ کيڏيل پي ايس ايل 6 جي فائنل ۾ملتان سلطانز پهرين بئٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنس ٺاهيون. ملتان سلطانز پاران صهيب مقصود 65، رائلي روسو 50 ۽ شان مسعود 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پشاور ذلمي جي سمين گل ۽ محمد عمران 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. 207 رنسن جي جبل جيڏي حدف جو پيڇو ڪندي پشاور ذلمي جي ٽيم 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي سگهي. پشاور ذلمي پاران شعيب ملڪ 48، ڪامران اڪمل 36 ۽ رومن پاويل 23 رنسون ٺاهي سگهيا. ملتان سلطانز جي عمران طاهر 3، بليسنگ مزرباني ۽ عمران خان 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ملتان سلطانز پهريون ڀيرو پشاور ذلمي کي 47 رنسن تان وڏي شڪست ڏئي پي ايس ايل جي چئمپيئن بڻجي وئي آهي.