پشاور (م ڊ) جي ٽي روڊ تي ليڊي ريڊنگ اسپتال ڀرسان نجي اسپتال ۾ باهه لڳي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب باهه اسپتال جي ٽين ۽ چوٿين ماڙ تي لڳي، جنهن تي جلد ضابطو آندو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال اندر ڦاٿل 13 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو، جڏهن ته 3 زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.