ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڪنگز سنسني خيز مقابلي بعد پشاور زلمي کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بابر اعظم جي پشاور پهرين بيٽنگ ڪندي ڪپتان جي 46 رنسن، صائم ايوب جي 4، ٽام ڪيڊمور جي 7، حارث جي 28، حسين طلعت 18، مچل اوون 5، عبدالصمد 2، ليوڪ ووڊ جي 2 رنسن جي مدد سان 8 وڪيٽن تي 147 رنسون ٺاهيون. ڪراچي جي عباس آفريدي ۽ خوشدل شاهه 3،3 ۽ مير حمزه ۽ عامر جمال هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڪراچي ڪپتان وارنر جي 60، خوشدل شاهه جي ناٽ آئوٽ 23 رنسن جي مدد سان 8 وڪيٽن تي 19.3 اوورن ۾ هدف حاصل ڪري ورتو. خوشدل شاهه مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.